رسائی کے لنکس

مظاهرا ڪندڙن تي سخت ڪاروائي، آمريڪا پاران ايراني عهديدارن خلاف پابندين جو اعلان


ايران جو وزير داخله، احمد واحدي. فيبروري 2011 جي تصوير(فائيل فوٽو)
ايران جو وزير داخله، احمد واحدي. فيبروري 2011 جي تصوير(فائيل فوٽو)

آمريڪا خميص ڏينهن ايران جي ستن اعلي رهنمائن خلاف تعزيرات عائد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن ملڪ ۾ انٽرنيٽ تائين رسائي بند ڪرڻ ۽ منحرفين جي خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪي حجاب جي معاملي تي ملڪ جي اخلاقيات جي پوليس طرفان مهسا امينيءَ جي هلاڪت جي معاملي تي ٿيندڙ احتجاج کي دٻائڻ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن.

آمريڪا جي محڪمه خزانه ايران جي وزير داخله احمد واحديءَ ۽ ملڪ جي مواصلات جي وزير عيسي زارپور کان علاوه ايران جي سيڪيورٽيءَ جي ادارن سان تعلق رکڻ وارن پنجن ٻين عمل دارن جي خلاف پابندين جو اعلان ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير، اينٽني بلنڪن چيو آهي ته ’’خودساخته اخلاقي پوليس جي هٿارئون 22 ورهن جي مهسا امينيءَ جي دکدائڪ هلاڪت جي معاملي تي ٿيندڙ احتجاج کي دٻائڻ جون پرتشدد ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جن ايراني حڪومت جي ظالمانه ڪوششن جي آمريڪا مذمت ڪري ٿو’’.

آمريڪا جي خزاني جي محڪمي جي انڊر سيڪريٽري، برائن نيلسن چيو آهي ته ذاتي آزادي ۽ وقار يقيني بنائڻ لاءِ اظهار جي آزادي ۽ پرامن ڪٺي ٿيڻ جون آزاديون لازم آهن. آمريڪا ايراني حڪومت پاران انٽرنيٽ تائين رسائي بند ڪرڻ ۽ پرامن احتجاج کي دٻائڻ لاءِ پرتشدد اقدام جي مذمت ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ انهن کي نشانو بنائڻ کان نه ڪيٻائيندي جيڪي انهن قدم کڻڻ ۾ سڌوسنئون ملوث آهن ۽ انهن جي حمايت ڪن ٿا’’.

انهن پابندين تحت انهن ستنين ايرانين جي آمريڪا ۾ موجود ڪنهن به قسم جي اثاثن کي منجمد ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به آمريڪي انهن ساڻ ڪنهن به قسم جي ڪاروباري ڏيتي ليتي نه ٿو ڪري سگهي، ۽ آمريڪين پاران هنن سان ڪاروبار ڪرڻ تي بندش عائد ڪئي وئي آهي.

هلاڪتن جي واقعن ۾ ملوث سيڪيورٽي پوليس

محڪمه خزانه چيو آهي ته واحدي ايران جي قانون جي نفاذ سان متعلق ادارن جو نگران آهي، جنهن ئي احتجاجي مظاهرن کي سختيءَ سان دٻائڻ لاءِ فورسز کي تعينات ڪيو آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته تازين مظاهرن دوران ٿيندڙ ڪم از ڪم درجن کن هلاڪتن جي ذمه داري سڌي سنئين سيڪيورٽي پوليس تي اچي ٿي ۽ اها ڳالهه ته واحديءَ انهن احتجاج ڪندڙن کي واضح طور تي ڌمڪيون ڏنيون جيڪي حڪومت کي چيلينج ڪري رهيا آهن ۽ جنهن قانون نافذ ڪندڙ فورسز جي پاران سخت ڪاروائيءَ جو دفاع ڪيو آهي جيڪي احتجاج کي دٻائڻ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن.

آمريڪي ماليات جي محڪمي چيو آهي ته زارپور ’’ان ڪوشش ۾ ته احتجاجي مظاهرن کي ڍرو ڪيو وڃي، هو ايراني حڪومت جي پاران لکين ايرانين جي انٽرنيٽ تائين رسائيءَ کي روڪي رهيو آهي، جيڪا ايراني حڪومت جي شرمناڪ ڪوشش آهي’’. آمريڪي ايجنسيءَ چيو ته هن (زارپور) ’’ان طرف اشارو ڪيو آهي ته جيسيتائين احتجاجي مظاهرا بند نه ٿا ٿين، تيسيتائين انٽرنيٽ تائين رسائي بند رهندي ۽ آن لائن آواز کي دٻايو ويندو’’.

هي آمريڪي پابنديون اهڙي وقت سامهون اچي رهيون آهن جڏهن پوئين هفتي آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو هو ته ’’آمريڪا ايراني عورتن ۽ ايراني شهرين سان گڏ بيٺو آهي، جيڪي پنهنجي بهادريءَ سان دنيا کي متاثر ڪري رهيا آهن. اسان احتجاج جي آزاديءَ جي حمايت جاري رکندا سين’’.

ايراني سپريم ليڊرآيت الله خامنه اي چيو آهي ته امينيءَ جي موت کان پوءِ ٿيندڙ احتجاج ’’عام ايرانيءَ’’ جو ڪم ڪونهي. هن الزام مڙهيو ته انهن مظاهرن جي منصوبه بندي آمريڪا ۽ اسرائيل ڪئي آهي.

هوڏانهن ايران ۾ جاري احتجاج ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي خلاف پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز سخت ڪاروائي جاري رکي آهي. ايسو سي ايٽڊ پريس حڪومتي بيانن تي مشتمل رپورٽ مرتب ڪئي آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جو ٻڌايو ويو آهي ۽ 1500 ڄڻا گرفتار ٿيا آهن، جڏهن ته انساني حقن جي گروهن چيو آهي ته ڪم از ڪم 130 ماڻهو ماريا ويا آهن ۽ هزارين گرفتار ٿيا آهن.

خامنه ايءَ چيو ته امينيءَ جي هلاڪت ’’افسوس ناڪ واقعو’’ هو جنهن تي کيس دلي صدمو آهي.

XS
SM
MD
LG