رسائی کے لنکس

مظاهرين خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ تي ايران کي ’وڌيڪ قيمت’ ادا ڪرڻي پوندي، آمريڪا


مهسا امينيءَ جي فوت ٿيڻ تي احتجاج (فائيل فوٽو)
مهسا امينيءَ جي فوت ٿيڻ تي احتجاج (فائيل فوٽو)

آمريڪا جي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته نوجوان ايراني خاتون جي هلاڪت جي خلاف احتجاج ڪندڙن تي حملا ڪرڻ جي معاملي تي تهران جي خلاف هن ئي هفتي وڌيڪ قيمت عائد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

هن ٻاويهن ورهن جي مهسا امينيءَ جي مارجي وڃڻ جي خلاف احتجاج ڪرڻ وارين ايراني عورتن سان آمريڪا جي يڪجهتيءَ جي اظهار کي ورجايو.

صدر بائيڊن اڱاري جي ڏ ينهن ٽوئٽر تي پنهنجيءَ هڪ پوسٽ ۾ اهو واضح نه ڪيو آهي ته آمريڪا ايراني حڪومت جي خلاف ڇا ڪاروائي ڪندو.

هن چيو ته آمريڪا ايراني خواتين ۽ شهرين سان گڏ بيٺو آهي جيڪي پنهنجي بهادريءَ سان دنيا کي متاثر ڪري رهيا آهن. سندس لفظن ۾، ’’اسان ايرانين جي احتجاج جي آزاديءَ جي حقن جي حمايت جاري رکنداسين’’.

ايران جي اخلاقي پوليس گزريل مهيني مهسا امينيءَ کي وارن کي حجاب جي ضابطي تحت نه ڍڪڻ جي ڏوه تي حراست ۾ ورتو هو، جنهن کان پوءِ ايراني عهديدار دعوا ڪن ٿا ته دل جي دوري پوڻ جي ڪري هن جو هڪ اسپتال ۾ موت واقع ٿيو.

هڪ ڏينهن اڳ وائيٽ هائوس احتجاج ڪرڻ وارين ايراني عورتن جي خلاف حڪومت جي پرتشدد سخت ڪاروائيءَ جي مذمت ڪئي هئي.

بائيڊن جي پريس سيڪريٽري، ڪيرن زان پيئري سومر ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته ’’اسان سيڪيورٽي جي عمل دارن جي پاران يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي پرامن احتجاج جي جواب ۾ تشدد ۽ وڏي پيماني تي گرفتارين جي رپورٽن تي پريشان آهيون’’.

ترجمان چيو ته ايران ۾ يونيورسٽيءَ جا شاگرد امينيءَ جي موت تي ’’درست طور تي، مشتعل ٿيا آهن’’. هن ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته مظاهري ڪندڙن جون گرفتاريون ان قسم جا واقعا آهن جيڪي ايران جي نوجوانن کي ملڪ ڇڏڻ ۽ ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي وقار ۽ موقعن جي تلاش تي مجبور ڪن ٿا’’.

هوڏانهن، ايران جي سپريم ليڊر، آيت الله خامنه ايءَ دعوا ڪئي آهي ته امينيءَ جي موت کان پوءِ ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ٿيڻ وارا مظاهرا ’’عام ايرانين’’ جو ڪم ناهي. هن آمريڪا ۽ اسرائيل تي مظاهرن جي منصوبه بندي ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.

ايران ۾ ٿيڻ وارا مظاهرا هاڻي ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. مظاهرين کي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ’ڪريڪ ڊائون’ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس جي مرتب ڪيل حڪومتي انگن اکرن مطابق، مظاهرن ۾ ڪم از ڪم 14 ماڻهو مري چڪا آهن جڏهن ته 1500 گرفتاريون ڪيون ويون آهن. ليڪن انساني حقن جي گروهن جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 130 ماڻهو هلاڪ ٿيا آهن ۽ هزارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

خامنه ايءَ چيو ته امينيءَ جو موت هڪ ’’افسوسناڪ واقعو آهي’’ جنهن سندس دل ٽوڙي ڇڏي آهي.

ياد رهي ته اخلاقي پوليس امينيءَ کي مبينه طور تي لباس جي سخت ضابطن تي عمل نه ڪرڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو هو. عمل دارن مطابق ٽي ڏينهن ’ڪوما’ ۾ رهڻ کان پوءِ هوءَ اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي. حڪومت دعوا ڪئي آهي ته سندس موت دل جو دورو پوڻ جي ڪري ٿيو آهي.

ليڪن، امينيءَ جي خاندان هن حڪومتي بيان کي مسترد ڪندي چيو آهي ته اميني ڪڏهن به دل جي ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا نه هئي. هنن الزام مڙهيو ته امينيءَ کي حراست دوران ماريو ڪٽيو ويو ۽ هو سندس موت جي جواب دهي چاهن ٿا.

آمريڪا جي پرڏيهي وزير، اينٽني بلنڪن گزريل هفتي چيو هو ته امينيءَ جي زنده نه رهڻ جو سبب اهو آهي ته هڪ ظالم حڪومت سندس جان ورتي. هن چيو ته امينيءَ جي حياتي انهن فيصلن جي ڪري ورتي وئي جيڪي خود امينيءَ کي ڪرڻ گهرجن ها ته هوءَ ڇا پائڻ چاهي ٿي ۽ هوءَ ڇا نه ٿي پائڻ گهري.

(هن خبر ۾ شامل ڪجهه مواد اي ايف پي، ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG