رسائی کے لنکس

سري لنڪا آئي ايم ايف کان 3 ارب ڊالر قرض وٺڻ ۾ ڪامياب

آئي ايم ايف کان قرض ملڻ کان پوءِ، سري لنڪا جي صدر وڪريما سنگهي قوم کي خطاب ڪيو. سندس حامي تقرير ٻڌي رهيا آهن. 21 مارچ 2023.1

سال اڳ ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بدترين معاشي بحران آڏو اچڻ ۽ ان کي سهڻ کان پوءِ، هاڻي سري لنڪا ۾ اقتصادي بحاليءَ جو امڪان پيدا ٿيو آهي. بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) سري لنڪا جي لاءِ 2.9 ارب ڊالر جو قرض منظور ڪيو آهي.

ممبئيءَ مان وائس آف آمريڪا جي نمائنده آنجنا پسريچا جي رپورٽ مطابق، آئي ايم ايف سومر ڏينهن قرض منظور ڪيو. ان کان اڳ لڳ ڀڳ سال کان وٺي ٻه ڪروڙ 20 لک آباديءَ تي مشتمل هي جزيري نما ملڪ معاشي طور تي سخت تنگيءَ ۽ ڏتڙيل حالت ۾ رهيو، جڏهن سري لنڪا جي عوام کي کاڌ خوراڪ، تيل ۽ دوائن تائين رسائي مشڪل ٿي وئي هئي ۽ ملڪ ۾ ڪيترن مهينن تائين احتجاج ۽ مظاهرا ٿيندا رهيا هيا.

آخري ڏينهن دوران ملڪ جي صورت حال ڪنهن حد تائين بهتريءَ جي طرف وڌي هئي، ليڪن ٽٽل ۽ ڀڳل معيشت کي سهاري ڏيڻ جو ڪم تمام مشڪل ٿي چڪو هو. آخري ڏينهن ۾ايترو فرق ضرور ڏٺو ويو ته موٽر سائيڪلين ۽ گاڏين ۾ تيل ڀرائڻ جي لاءِ ڊگهيون قطارون ڪجهه ننڍيون ٿيڻ لڳيون هيون، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بجليءَ جي بندش ڪجهه گهٽي هئي ۽ مانيءَ پچائڻ جي لاءِ گيس جي گهٽتائيءَ ۾ ڪجهه ڪمي آئي هئي.

هن کان اڳ تائين ملڪ ۾ پيسي جي خريداريءَ جي قوت گهٽجي چڪي، افراط زر لکين ماڻهن جي زندگي مشڪل بڻائي ڇڏي، حڪومت قرضن جي واپسيءَ جي پوزيشن ۾ نه رهي، جڏهن ته غير ملڪي ناڻي جي دستيابي نالي ماتر به نه بچي هئي.

ليڪن آئي ايم ايف جي قرض ملڻ کان پوءِ سري لنڪا جي جان ۾ جان پئجي وئي آهي.

ان کان اڳ آئي ايم ايف پاران قرض ڏيڻ ۾ توقع کان وڌيڪ دير ٿيڻ جي ڪري، سري لنڪا کي قرض ڏيندڙ ملڪ چين تي اڃان وڌيڪ ڀاڙڻو پيو، جنهن سندس قرض جي واپسيءَ ۾ ڍر ڏني.

سري لنڪا جي صدر رانيل وڪرامي سنگهي هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ’’دنيا جي نظرن ۾ هاڻي سري لنڪا ڏيوالو نڪتل ملڪ نه رهيو آهي’’. هن چيو ته قرض جي ان سهولت کان پوءِ بين الاقوامي برادريءَ ۾اعتماد وڌيو آهي ته ’’سري لنڪا وٽ گنجائش آهي ته پنهنجي پيسي جي ڏيتي ليتيءَ جي ونهوار کي مناسب طريقي سان ترتيب ڏئي ۽ هلائي سگهي’’.

اطلاعن مطابق، آئي ايم ايف ستت ئي سري لنڪا کي 33 ڪروڙ 30 لک ڊالر جاري ڪندو، جڏهن ته کيس ايندڙ مهينن دوران وڌيڪ رقم ميسر ايندي.

صدر جي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هاڻي سري لنڪا آئي ايم ايف ۽ ٻين بين الاقوامي مالياتي ادارن کان 7 ارب ڊالر حاصل ڪري سگهندو، جنهن جي نتيجي ۾ سري لنڪا پنهنجي اڳ ۾ ورتل قرضن جي ادائگيءَ جي معاملي ۾منصوبه بنديءَ جي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهڻ ڏانهن وڌي سگهي ٿو.

XS
SM
MD
LG