رسائی کے لنکس

عالمي بينڪ جو سري لنڪا جي لاءِ نئين فنڊ جاري ڪرڻ کان انڪار


سري لنڪا جي پارليامنٽ جي ٻاهران بيٺل محافظ (فائيل فوٽو)
سري لنڪا جي پارليامنٽ جي ٻاهران بيٺل محافظ (فائيل فوٽو)

عالمي بينڪ جمعي ڏينهن چيو آهي ته هو سري لنڪا کي ان وقت تائين نئين مالي امداد جي پيش ڪش نه ڪندو جيسيتائين ڏيوالو نڪرڻ وارو هي ملڪ پنهنجي تباه حال معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ معيشت جي نظام ۾ ٺوس اصلاحات نه ٿو آڻي.

سري لنڪا غير معمولي معاشي بدحاليءَ جو شڪار آهي جتي ٻه ڪروڙ 20 لک ماڻهو ڪيترن مهينن کان کاڌ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي لاءِ توانائيءَ جي کوٽ، بليڪ آئوٽ ۽ وڌندڙ مهانگائيءَ کي برداشت ڪري رهيا آهن.

هي ڏکڻ ايشيائي ملڪ اپريل ۾51 ارب ڊالر جي غير ملڪي قرض جي واپسيءِ ۾ ناڪام ٿيو هو ۽ ساڳئي ئي مهيني جي شروعات ۾ زبردست احتجاجي مظاهرن ان وقت جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي کي مستعفي ٿيڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو هو.

عالمي بينڪ چيو آهي ته سري لنڪا جي عوام تي بحران جي اثرات جي باري ۾ فڪرمند آهي، پر هو ان وقت تائين فنڊ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي جيسيتائين حڪومت بنيادي ضروري اصلاحات نه ٿا ڪيا وڃن.

هڪ بيان ۾ عالمي بينڪ چيو آهي ته جيسيتائين مناسب ميڪرو اڪانامڪ پاليسي فريم ورڪ قائم نه ٿو ٿئي تيسيتائين ورلڊ بينڪ سري لنڪا کي نئين مالي امداد جي پيش ڪش ڪرڻ جو ارادو نه ٿو رکي.

بيان مطابق، ان لاءِ نظام ۾ ٺوس اصلاحات جي ضرورت آهي، جيڪي اقتصادي استحڪام تي توجه ڏئي سگهن ۽ هن بحران کي پيدا ڪندڙ بنيادي سببن کي به حل ڪن.

عالمي بينڪ وڌيڪ چيو آهي ته ان کا پهريان ئي موجوده قرضن منجهان 16 ڪروڙ ڊالر فوري طور تي دوائڻ، کاڌي پچائڻ جي گيس ۽ اسڪول ۾ ٻارن جي خوراڪ جي مد ۾ مالي مدد جي لاءِ گهربل آهن.

سري لنڪا هن وقت بين الاقوامي مالياتي فنڊ سان بيل آئوٽ پيڪيج تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي، ليڪن عمل دارن جو چوڻ آهي ته ان عمل ۾ ڪيترا ئي مهينا لڳي سگهن ٿا.

ٻيٽ نما هن ملڪ وٽ هن وقت ضروري درآمدات لاءِ به زرمبادله ختم ٿي چڪو آهي ۽ شين جي کوٽ عوامي ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي وئي آهي.

راشن يعني ڪوٽه جي حساب سان ملڻ واري پيٽرول جي حصول لاءِ ماڻهو وڏين قطارن ۾ لڳندا آهن ۽ سرڪاري عمل دارن کي ٻڌايو ويو آهي ته اهي گهر مان ڪم ڪن ته جيئن سفر کي گهٽائي سگهجي ۽ توانائيءَ جي بچت ڪري سگهجي.

انگن اکرن موجب جولائيءَ مهيني ۾ مهانگائي مسلسل ڏهين مهيني تائين وڌندڙ رڪارڊ 60.8 في صد تي وڃي پهتي آهي، جڏهن ته سري لنڪا جو رپيو هن سال آمريڪي ڊالر جي سي سي پي آئي (ڪولمبو ڪنزيومر پرائس انڊيڪس) مطابق پنهنجي اڌ کان مٿي قدر وڃائي چڪو آهي.

اقوام متحده جي ورلڊ فوڊ پروگرام جو اندازو آهي ته سري لنڪا ۾ هر ڇهن مان پنجون خاندان گهٽ معيار جو کاڌو خريدڻ، گهٽ کائڻ يا ڪن صورتن ۾ کاڌو مڪمل طور تي نه واپرائڻ تي مجبور آهي.

هي بحران 9 جولائي تي ان وقت چوٽ چڙهي ويو جڏهن هزارين مظاهرين راجا پاڪسي جي رهائش گاه تي حملو ڪيو جنهن جي ڪري صدر سنگاپور فرار ٿي ويو ۽ مستعفي ٿي ويو.

(خبر جو مواد اي ايف پي تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG