عالمي خوراڪ ۽ موسمياتي بحرانن جي حل لاءِ فوري قدم کنيان وڃن، اقوام متحده

گڏيل قومن جي اداري جو سيڪريٽري جنرل، انتونيو گتيرس جنرل اسمبليءَ جي ستهتروين افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي. 20 سيپٽمبر، 2022

گڏيل قومن جي اداري جي سربراه، اينتونيو گتيرس اڱاري جي ڏينهن عالمي رهنمائن کي متحد ٿيڻ جي اپيل ڪئي ته جيئن دنيا جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گهربل اقدامات ڪيا وڃن، جڏهن ته، بقول سندس، دنيا ’’انتشار’’ ۽ مونجهاري ۾ ڦاٿل آهي.

اقوام متحده جي جنرل اسمبليءَ جي سالانه ستهتروين ميڙ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي، جيڪو هفتي تائين جاري رهندو، جنهن ۾ صدر، وزير اعظم ۽ ٻيا اعلي سرڪاري عهديدار موجود هيا، هن چيو ته ’’اسان ٿيڙ کائيندڙ سمونڊ جي ور چڙهي ويا آهيون، جڏهن ته سامهون اڀرندڙ افق تي عالمي بي چينيءَ جا پاڇا صاف ڏسڻ ۾ پيا اچن’’.

سندس لفظن ۾، ’’مهانگائيءَ جي طوفان وڪوڙي ڇڏيو آهي، ڀروسو چڪنا چور ٿي چڪو آهي. اڻ برابريون چوٽ تي آهن’’.

هن خبردار ڪيو ته ’’اسان جي زمين جو سيارو باه ۾ سڙي رهيو آهي’’.

گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ’’اسان کي اميد کپي ۽ گهڻو ڪجهه گهرجي. اسان کي عمل جي ضرورت آهي’’. گتيرس چيو ته عالمي خوراڪ جي بحران ۾ ڪمي آڻڻ فوري نوعيت جو معاملو آهي. ان ڏس ۾ هن چيو ته ڀاڻ جي عالمي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

جڏهن کان روس 24 فيبروريءَ تي يوڪرين تي حملو ڪيو آهي، تڏهن کان وٺي ان ڪيميائي ڀاڻ جي برآمدات تي ڪوئٽا لاڳو ڪيا ويا آهن. روس ڀاڻ برآمد ڪندڙ اهم ملڪ آهي۽ ان جي طرفان ڀاڻ جي برآمد ۾ ڪميءَ جو اثر بين الاقوامي مارڪيٽن تي پيو آهي ۽ ان جا اگهه تمام گهڻا وڌي چڪا آهن، جنهن جي ڪري ننڊي پيماني وارا ڪاشت ڪار۽ ڪڙمي ڀاڻ خريد ڪرڻ کان قاصر آهن، جنهن جي ڪري فصلن جي اپت ۾ ڊرامائي گهٽتائي اچي چڪي آهي.

گتيرس چيو ته جيڪڏهن ان معاملي ۾ جلد قدم کڻي عالمي سطح تي ڪيميائي ڀاڻ جي ڪمي دور نه ڪئي وئي ته ان جو نتيجو اڃان ڀوائتو نڪرندو ۽ دنيا ۾ خوراڪ جي سخت اڻاٺ پيدا ٿي ويندي.

مغرب پاران عائد ڪيل تعزيرات ۾ روسي کاڌ خوراڪ يا ڪيميائي ڀاڻ جي برآمد تي ڪنهن به قسم جي پابندي ڪانهي. ماسڪو ان جي ابتڙ دعوا ڪري رهيو آهي. استنبول ۾ 22 جولاءِ تي جنهن سمجهوتي تي صحي ڪئي وئي تنهن جي نتيجي ۾ بين الاقوامي مارڪيٽن ۾ يوڪرين جا لکين ٽن اناج پهچائڻ ۾ مدد ملي آهي، ان جي ڪري جهاز رانيءَ، انشورنس ۽ روسي اناج ۽ ڀاڻ جي خريدران ۾ اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، ته جيئن ڪنهن ريت حملي کان اڳ واري صورت حال بحال ٿي سگهي.

گتيرس جي خطاب دوران جنرل اسمبليءَ ۾ لڳل ٻن وڏين اسڪرينن تي ’بريوڪمانڊر’ نالي سامونڊي جهاز جو فوٽو ڏيکاريو ويو جنهن ۾ يوڪرين جو اناج ’هارن آف آفريڪا’ (آفريڪا جي سڱ) نالي وارن ملڪن کي پهچايو ويو. هن چيو ته هي گهڻ ملڪي سفارت ڪاريءَ جو عملي مظاهرو آهي.

هن چيو ته انهيءَ دوران جوهري هٿيارن جي استعمال ۽ جوهري پلانٽن جي تحفظ جي لاءِ ڌمڪيءَ جي لهجي جو اظهار عالمي عدم استحڪام وڌائي رهيو آهي. هن جو اشارو يوڪرين ۾ زپورزهيا جي نيوڪليئر پاور پلانٽ جي باري ۾ ڌمڪي آميز ۽ اتر ڪوريا جا بيان ۽ اقدامات ۽ ايران جي جوهري پروگرام متعلق اڀرندڙ سوالن ڏانهن هو، جن جي باري ۾ هن اجلاس جو ڌيان ڇڪايو.

جنرل اسمبلي

گتيرس ايٿيوپيا، ساحل ۽ هيٽي، شام ۽ ميانمار جي نون ۽ پراڻن مسئلن طرف توجه ڏيڻ لاءِ چيو، جن جي حل جي ضرورت آهي.

افغانستان ۾، هن چيو ته، انساني حقن کي بي درديءَ سان لتاڙيو پيو وڃي، خاص طور تي عورتن ۽ نياڻين جا حق، جيڪي، سندس بقول، طالبان جي دور ۾ غائب ٿي چڪا آهن.

هن خبردار ڪيو ته دنيا جي اولهه ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ خطرناڪ تقسيم ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جڏهن ته ترقي ڪيل ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن جي وچ ۾ جاگرافي ۽ سياسي نوعيت جي ڪشيدگي وڌي رهي آهي.

دنيا جي اعلي ترين سفارت ڪار تنازعي جي روڪ ٿام ۽ اعتماد سازيءَ کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو.

سيڪريٽري جنرل عالمي سربراهن کي ياد ڏياريو ته جيڪو ڪجهه اسان ڪيون ٿا اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪيون ته انساني حق يقيني بنائڻ دراصل ڪشيدگيءَ کي ٻنجهي ڏيڻ جو اثرائتو طريقو آهي، جنهن سان تنازعا ختم ٿيندا ۽ ديرپا امن قائم ٿيندو.

هن چيو ته تنازعن جي ڪري غير معمولي نوعيت جا انساني بحران جنم وٺن ٿا، جڏهن ته عالمي اداري پاران امداد جي اپيل ۾ گهربل 32 ارب ڊالر جو خسارو آهي جنهن کي پورو ڪيو وڃي.

اهڙي وقت جڏهن رڳو خراب خبرون ملي رهيون آهن، هن چيو ته ڪجهه اميد افزا ڪرڻا به ڏسڻ ۾ اچن پيا. هن چيو ته يمن ۾ جنگ بندي نازڪ پئي ڏسجي پر اڃان تائين قائم آهي، جڏهن ته ڪولمبيا ۾ امن عمل جون پاڙون پختيون ٿي رهيون آهن.

دنيا جا نوجوان به اميد جي هڪ ڪرڻي وانگر لڳي رهيا آهن، اهڙي وقت جڏهن اهي سٺي مستقبل جي لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن.

تيزيءَ سان وڌندڙ عالمي تپش جي باري ۾ سخت لفظ استعمال ڪندي، گتيريس چيو ته ’’موسمياتي بحران اسان جي وقت جو اهم ترين مسئلو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر ڪا حڪومت ۽ گهڻ ملڪي تنظيمون ان کي اوليت واري ترجيح ڏين’’.

افسوس جو اظهار ڪندي، هن چيو ته ماحوليات جي تبديليءَ کي بين الاقوامي ايجنڊا ۾تمام پوئتي رکيو ويو آهي، حالانڪه عالمي سطح تي عوام پنهنجي رهنمائن تي زور ڀري رهيو آهي ته اهي موسميات جي بحران کي ترجيح ڏين. گرين هائوس گيس جو اخراج ريڪارڊ سطح تي پهچي چڪو آهي، ۽ 2030 تائين ان کي 45 في صد جي حد تي گهٽائڻو آهي، جڏهن ته 2050 ۾ ان کي ٻڙيءَ جي سطح تي پهچائڻ جو عهد ڪيو ويو آهي.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عام مسئلن جي حل لاءِ رواجي حل اختيار ڪرڻ گهرجن. سندس لفظن موجب، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ اتحاد جي طور تي گڏيل قومن جي اداري جي بنياد تي اسان هڪ ٿي اڳتي وڌئون.