افغانستان، ٽن اين جي اوز جون جزوي امدادي سرگرميون بحال

سر پل صوبي ۾ ’سيو دي چلڊرين’ جي صحت جي ڀلائيءَ جي ڪلينڪ. (فائيل فوٽو)

طالبان عهديدارن پاران ان يقين دهانيءَ کان پوءِ ته افغان عورتون صحت جي شعبي ۾ ڪم جاري رکي سگهن ٿيون، افغانستان ۾ زندگي بچائڻ جي ڪم سان لاڳاپيل گهٽ ۾ گهٽ ٽن سرڪرده بين الاقوامي امدادي ايجنسين جزوي طور تي پنهنجو ڪم ٻيهر شروع ڪيو آهي.

افغانستان جي ٽي ڪروڙ اٺ لک جي آباديءَ منجهان اڌ کي بک درپيش آهي جڏهن ته 30 لک ٻار غذائي قلت جي خطري ۾ جڪڙيل آهن. ان صورت حال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سوين اين جي اوز دنيا جي بدترين انساني بحرانن مان هڪ سان نبرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.

ڊسمبر جي آخر ڌاران طالبان پاران امدادي سرگرمين ۾ خواتين جي شموليت کي روڪڻ جي حڪم نامي کان پوءِ احتجاج جي طور تي ٽن معروف امدادي تنظيمن ڪيئر، سيو دي چلڊرين ۽ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪاميٽيءَ پنهنجيون سرگرميون منسوخ ڪري ڇڏيون هيون.

SEE ALSO: ڪابل: پرڏيهي وزارت جي ٻاهران خودڪش ڌماڪو، 20 ڄڻا هلاڪ

هڪ غير سرڪاري تنظيم ’سيو دي چلڊرين’ پنهنجي بيان ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ان گزريل ڪجهه ڏينهن دوران صحت جي شعبي ۾ ٻيهر ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. ان جو چوڻ آهي ته اسان کي متعلقه حڪام جي طرفان واضح ۽ ڀروسي جي قابل يقين ڏياريو ويو آهي ته اسانجو عورتن جو عملو محفوظ رهندو ۽ اهو بغير ڪنهن رڪاوٽ جي ڪم ڪري سگهي ٿو.

ليڪن، انهن ٻڌايو ته اهڙي وقت جڏهن پابنديون اڃان به لڳل آهن، جتي اسان وٽ اها ڀروسي واري يقين دهاني ڪانهي ته اسان جون خواتين ساٿي آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهن ٿيون، اتي اسان پنهنجون ڪاروائيون روڪي رکيون آهن.

ڪيئر ۽ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪاميٽيءَ به تصديق ڪئي آهي ته هنن صحت جي شعبي ۾ عورتن جي عملي سان ٻيهر ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.

نينگرين جو تعليم جي فراهميءَ جي حق ۾ مظاهرو

بين الاقوامي برادري اعلي سطحي ميٽنگن ۾ حڪومت تي زور ڏئي رهي آهي ته اهي امدادي شعبي ۾ خواتين تي پابنديءَ جي حڪم کي واپس وٺي، ڇو ته ان سان ملڪ کي ڏيڻ واري آئنده جي امداد جي فراهمي تي منفي اثرات مرتب ٿيڻ جا خدشا آهن.

ان پابنديءَ جو حڪم ڏيڻ واري طالبان جي وزارت معيشت جي ترجمان، عبدالرحمان حبيب اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته عورتن کي صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ان ڪري ڏني پئي وڃي ڇو ته اسان جي معاشري کي هن وقت ان جي ضرورت هئي.

هاڻي اسان کي ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته غذائي اڻاٺ جي شڪار ٻارن ۽ عورتن جي مدد ڪيون جن کي صحت جي نوعيت جي خدمت جي گهرج آهي. هن چيو ته عورتن جو هي عملو اسان جي مذهبي ۽ ثقافتي اقدار جي مطابق ڪم ڪري رهيو آهي.

نيون هدايتون

ٻن امدادي عمل دارن ٻڌايو آهي ته عورتن کي تعليم، پاڻيءَ، صفائيءَ سٿرائي ۽ خوراڪ جي ورهاست سميت ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ حڪام سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

ڪابل

هڪ غير سرڪاري اين جي او جي امدادي عمل دار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اسان کي اميد آهي ته جلد ئي نيون هدايتون سامهون اينديون.

اڃان هڪ ٻئي امدادي ڪارڪن به نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته عهديدار عورتن کي ٻين منتخب شعبن ۾ به ڪم جي اجازت ڏئي سگهن ٿا.

هن چيو ته اميد آهي ته عهديدار اين جي اوز کان پڇندا ته انهن جي تنظيمن ۽ ڪم جي شعبن منجهان ڪهڙن مخصوص شعبن جي لاءِ عورتن تي مشتمل اٽالي جي ضرورت آهي ۽ ان جي مطابق انهن کي اجازت ملي سگهي ٿي.

طالبان جي هڪ سينئر عمل دار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته عورتن کي ملازمت ڏيڻ جا سبب اين جي اوز کي فراهم ڪرڻا پوندا. ان وڌيڪ چيو ته اقتصاديات جي وزارت فراهم ڪيل سببن جو جائزو وٺندي ۽ جيڪڏهن ڪو سمجهوتو ٿي وڃي ته اين جي اوز کي چيو ويندو ته اهي خواتين ملازمن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ گهربل ماحول فراهم ڪن.

طالبان حڪام چيو آهي ته اها پابندي ان لاءِ لڳائي وئي آهي ته خواتين، حجاب پائڻ يا سفر جي دوران ڪنهن مرد مائٽ جي ساڻ وڃڻ متعلق انهن قانونن جي پابندي نه ڪري رهي هئي جيڪي انتهائي قدامت پسند عهديدارن جي طرفان جاري ڪيا ويا هيا.

خواتين ڪارڪن افغانستان ۾ ڪيترين ئي امدادي ڪاروائين جي لاءِ تمام اهم آهن، خاص طور تي ٻين ضرورت مند عورتن جي سڃاڻپ جي لاءِ.

پوئين مهيني هڪ کان پوءِ ٻي تباه ڪن پابندي عائد ڪئي وئي، جنهن منجهان پهرين اها هئي ته حڪام پهريون ڀيرو عورتن کي يونيورسٽيءَ جي تعليم کان روڪيو ويو.

آگسٽ 2021 ۾ طالبان ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ افغان عورتن تي ڪيتريون ئي پابنديون عائد ڪيون ۽ هنن کي عوامي زندگيءَ کان مڪمل طور تي الڳ ڪيو ويو آهي.

نينگرين جي لاءِ سيڪنڊري اسڪول جي تعليم تي پهريان ئي پابندي لڳل آهي ۽ ڪيترين ئي عورتن سرڪاري ملازمتون ڇڏي ڏنيون آهن.

خواتين کي پارڪن، ورزش گاهن ۽ عوامي حمامن ۾ وڃڻ کان به منع ڪئي وئي آهي.

(خبر جو ڪجهه مواد خبر رسان اداري، اي ايف پيءَ تان ورتو ويو آهي)