سرڪاري ملازم هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڪڙمت ڪن؛ سري لنڪا جو منفرد فيصلو

سري لنڪا (فائيل فوٽو)

سري لنڪا سرڪاري شعبي جي ڪارڪنن جي لاءِ هفتي ۾چار ڏينهن ڪم جي منظوري ڏني آهي، ته جيئن هو تيل جي شديد قلت سان نمٽڻ ۽ اناج پيدا ڪرڻ جي حوصله افزائي ڪري سگهن. حڪومت چئي چڪي آهي ته هن وقت ملڪ بدترين مالي بحران مان لنگهي رهيو آهي.

ملڪ ۾ سرڪاري ملازمن جو تعداد 10 لک آهي.

هنن ڏينهن ۾ سري لنڪا غير ملڪي زرمبادله جي شديد قلت جو شڪار آهي جنهن جي ڪري پيٽرول، خوراڪ ۽ دوائن جي اهم درآمد جي ادائگيءَ جي لاءِ ڏاڙهيءَ پٽ ڪرڻي پئي ٿي.

سري لنڪا جي ڪابينا تازو سرڪاري ملازمين کي آئنده ٽن مهينن لاءِ هر جمعي جي موڪل ڏيڻ جي تجويز جي منظوري ڏني، ان جو سبب اهو آهي ته توانائيءَ جي گهٽ دستيابيءَ جي ڪري سفر ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي، ساڳي وقت ڪڙمت جي همت افزائي کي نمايان ڪرڻ ضروري آهي.

سري لنڪا جو نئون وزير اغظم رنيل وڪرما سنگهي

هڪ بيان ۾ سرڪاري محڪمه اطلاعات چيو آهي ته هي مناسب ٿو لڳي ته حڪومتي علمدارن کي هڪ ڏينهن جي موڪل ڏني وڃي جنهن ڏينهن هو گهر جي اڱڻ يا ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي زرعي ڪمن ۾ حصو وٺن.

گزريل هفتي اقوام متحده سري لنڪا ۾ درپيش انساني بحران جي باري ۾ خبردار ڪندي چيو هو ته هو ڏه لک ضرورت مندن جي مدد لاءِ چار ڪروڙ ستر لک ڊالر فراهم ڪرڻ چاهي ٿي.

فائيل فوٽو

حڪومت بين الاقوامي مالياتي فنڊ سان بيل آئوٽ پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌائي رهي آهي.

امريڪي وزير خارجه اينٽني بلنڪن تازو وزير اعظم رانيل وڪرما سنگهي سان فون ڪال کان پوءِ چير ته امريڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

بلنڪن ٽويٽ ڪيو ته هن معاشي ۽ سياسي طور تي مشڪل وقت ۾امريڪا بين الاقوامي مالياتي فنڊ ۽ بين الاقوامي برادري جي قريبي اشتراڪ سان سري لنڪا سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

وڪرما سنگهي چيو ته هن مهيني سري لنڪا کي باقي سال لاءِ ضروري درآمدات کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪم از ڪم پنج ارب ڊالرز جي ضرورت آهي.

(خبر جو مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)