ٽائيم ميگزين جي 100 اثرائتي ترين شخصيتن جي لسٽ، شيري رحمان به شامل

فائيل فوٽو

آمريڪي رسالي ’ٽائيم ميگزين’ پاڪستاني سياست دان شيري رحمان، ڀارتي فلم انڊسٽري جي بي تاج بادشاه شاه رخ ۽ گزريل سال ارجنٽينا کي عالمي چمپئن بنائڻ واري ليونل ميسيءَ کي هلندڙ سال جون نمايان طور تي اثرائتي ترين شخصيات جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

هر سال وانگر هن سال به ان لسٽ ۾ انهن 100 شخصن کي جاءِ ڏني وئي آهي جن پوئين سال دوران پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. شاه رخ جي فلم ’پٺاڻ’ بالي وڊ کي فلاپ فلمن جي ڏکئي وقت مان ڪڍيو ته پاڪستان جي ماحولياتي تبديليءَ جي وزير، شيرين رحمان مسلسل محنت جي ڪري ان وچور ۾ جاءِ پيدا ڪئي.

دنيا جي 100 اثرائتي ترين شخصن جي لسٽ ۾ اڳواڻن جي ڪيٽيگريءَ ۾ شيري رحمان جو ڇهون نمبر آهي.

ٽائيم ميگزين مطابق، پوئين سال جي آخر ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ کان پوءِ جهڙيءَ ريت شيري رحمان ٻوڏ متاثرين جي سڏ ۾ سڏ ڏنو’’اهو ساراهه جوڳو’’ هو.

ان پيغام ۾ اهو به لکيل آهي ته شيري رحمان جي ئي ڪوششن سان عالمي برادريءَ پهريون ڀيرو قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ وارن ملڪن جي لاءِ ’نقصان ۽ تباهي’ءَ جو فنڊ قائم ڪرڻ تي متفق ٿي.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ ان فهرست ۾ شيري رحمان جي شامل ٿيڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون آهن.

بلاول ڀٽي جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ شيري رحمان لکيو ته هوءَ پنهنجي پارٽيءَ جي چيئرمين جي ٿورائتي آهي جنهن کيس جهڙين ڪيترين کي عورتن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو، ۽ ان اعزاز کي حاصل ڪري هوءَ تمام سٺو محسوس ڪري رهيون آهن.

آمريڪي ميگزين ان فهرست ۾ هر سال وانگر هن ڀيري به ڪيترا ڄاتل سڃاتل نالا شامل ڪيا آهن جن مشهور شخصيتن ۾ جتي بالي وڊ اداڪار شاه رخ خان موجود آهي اتي اسٽار فٽ بالر ليونيل ميسي، ٽينيس جي رانديگر سيرينا وليمز، برطانوي شهزادي هيري ۽ ان جي زال ميگهن مارڪل به شامل آهن.

هن سال جاري ٿيڻ واريءَ لسٽ ۾ ڇهه ڪيٽيگريز رکيون ويون آهن جن منجهان هڪ ۾ رڳو آرٽسٽ، ٻئي ۾ آئيڪونز، ٽئين ۾ پايونيئرز، چوٿين ۾ ليڊرز، پنجين ۾ ٽائيٽنز ۽ ڇهين ۾ انوويٽرز کي جڳهه ڏني وئي آهي.