جڳ مشهور شاعر، ڊراما نويس ۽ اديب، امجد اسلام امجد جمعي ڏينهن لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 78 ورهه هئي.
امجد اسلام امجد جي گهر ڀاتين سندس فوتگيءَ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته وفات دل جي حرڪت بند ٿيڻ جي ڪري ٿي.
امجد اسلام امجد 4 آگسٽ 1944 تي لاهور ۾ پيدا ٿيو هو. سندس ابتدائي تعليم لاهور ۾ ٿي. اسلاميه ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن جي ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ مان اردوءَ ۾ ماسٽرز ڪيائين.
هو وقفي وقفي سان ٻه ڀيرا ’ايم اي او’ ڪاليج لاهور جي اردوءَ جي شعبي ۾ پڙهائڻ سان وابسته رهيو. 1975 ۾ هو آرٽس ڪائونسل جو ڊائريڪٽر رهيو ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن سان بطور ڊائريڪٽر به لاڳاپيل رهيو.
شاعريءَ سان گڏ ڊراما نگاري به سندس سڃاڻپ جو باعث بڻي، خاص طور تي 1979 ۾ پي ٽي ويءَ تي نشر ٿيڻ واري سندس لکيل ڊرامي’وارث’ کي پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.
ان کان سواءِ، سندس لکيل ڊرامن ’سمندر’، ’رات’ ۽ ’اپني لوگ’ کي مقبوليت حاصل ٿي.
امجد اسلام امجد غزل به چيا، ليڪن نظم ۽ خاص طور تي آزاد نظم جي کيتر ۾ سندس سڃاڻپ ڇانيل رهي. سندس پهريون ڪتاب 1974 ۾ شائع ٿيو. ’ساتوان در’، ’فشار’، ’بارش ڪي آواز’ ۽ ’يهين ڪهين’ سميت سندس ڏهن کان وڌيڪ شعري مجموعا به ڇپيا.
نظم سان گڏ هن غزلون به چيون، ليڪن سندس سڀ کان وڌيڪ نالو نظمن جي ڪري نروار ٿيو. روايتي طور تي غزل کي مشاعري جي صنف سمجهو ويندو آهي، ليڪن امجد اسلام امجد انهن شاعرن ۾ شمار ٿيندو آهي جن مشاعرن ۾ پنهنجن نظن تي اڻ ملهه لاڀ حاصل ڪيو.
مشاعرن ۾ سندس نظم’ذرا سي بات’، ’محبت ايسا دريا هي’، ’سيلف ميڊ لوگون ڪا الميه’ ۽ ٻيون ڪيتريون اهڙيون نظمون آهن جيڪي هو مشاعرن ۾ ٻڌائيندو هو تي ٻڌڻ وارا ان سان گڏ انهن نظم جا سڄا مصرا ورجائيندا هيا.
امجد اسلام امجد شاعري ۽ ڊراما نگاريءَ سان گڏ ’چشم تماشا’ جي مستقل عنوان سان ڪالم لکڻ جو سلسلو به جاري ڪيو.
سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان حڪومت کيس 1987 ۾ صدارتي تمغو براءِ ’حسن ڪارڪردگي’ ۽ 1998 ۾ ’ستاره امتياز’ سان نوازيو.