فرانس، آمريڪا ۽ آسٽريا جي طبيعات دانن جي لاءِ فزڪس جو نابيل انعام

ٽنهين سائنس دانن کي ايٽمي ذرن تي تجربن جي ڪري هيءُ اعزاز ڏنو ويو آهي

رائيل سويڊش اڪيڊميءَ طبيعات جي ميدان ۾ نمايان خدمتن تي ٽن سائنس دانن کي نوبيل پرائز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هي اعزاز حاصل ڪرڻ وارن ٽن سائنس دانن ايلن آسپيڪٽ، جون ڪلازر ۽ اينٽون زائلينگر کي زير جوهري يا سب ايٽامڪ ذرن تي ڪيل تجربن تي هيءُ انعام ڏنو ويو. ان جي باري ۾ اڪيڊميءَ چيو آهي ته ان جا تجربا ڪوانٽم انفرميشن جي سائنس جي لاءِ نقطه آغاز ثابت ٿيا آهن.

طبيعات جو نوبيل انعام کٽڻ واري ايلن آسپيڪٽ جو تعلق فرانس، جون ڪلازر جو تعلق آمريڪا ۽ اينٽون زائلينگر جو تعلق آسٽريا سان آهي.

اڱاري ڏينهن جاري ٿيڻ واري هن اعلان جي مطابق انهن طبيعات دانن جي تجربن زير جوهري يا سب ايٽامڪ ذرن جي مطالعي جي ذريعي سپر ڪمپيوٽر ۽ محفوظ انداز ۾ معلومات جي ترسيل (انڪرپٽڊ ڪميوني ڪيشن) جي لاءِ نيون راهون کلنديون.

ڪوانٽم فزڪس مادي ۽ توانائي جي بالڪل بنيادي سطح تي مطالعي سان متعلق طبيعات جي شاخ آهي. ان جي تحت ايٽم ۽ ايٽم جي اندر ملندڙ ذرات جي سطح تي مادي ۽ توانائيءَ جي نوعيت ۽ طرز عمل کي بيان ڪيو پيو وڃي.

سال 2022 ۾ نوبيل انعام حاصل ڪرڻ وارن سائنس دانن پنهنجي تجربن ۾ توانائي رکڻ واري روشنيءَ جي بنيادي ذرن، فوٽون تي تجربا ڪيا. انهن تجربن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ئي ليزر سان نڪرڻ وارا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ فوٽون الڳ هئڻ جي باوجود هڪ ٻئي سان ڪهڙيءَ طرح رابطي جو تعلق رکندا آهن.

گزريل هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي کان عالمي سطح تي معتبر سمجهيو ويندڙنوبيل انعام جو اعزاز کٽندڙن کي رائيل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز جي پاران 9 لک ڊالر کان به وڌيڪ رقم بطور انعام ڏني ويندي آهي.

هر سال انعام سائنس، ادب ۽ امن جي واڌاري جهڙن شعبن ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيڻ وارن کي ڏنو ويندو آهي.

ڌماڪو ڪرڻ وارو مواد ’ڊائنامائيٽ’ إيجاد ڪرڻ واري سويڊش موجد، الفرڊ نوبيل جي وصيت کان پوءِ هي انعام 1901 ۾ شروع ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ ڪجهه وقفن ۽ ٻن عالمي جنگن جي باعث اچڻ واري تعطل جي ڪري هي ايوارڊ هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي.

فزڪس جي شعبي ۾ معروف سائنس دان البرٽ آئنسٽائين، ميڪس پلانڪس، پيري ڪيوري ۽ مادام ڪيوري جهڙا نالا به شامل آهن. انهن سائنس دانن جي تحقيق ۽ پيش ڪيل نظريات ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ ڪيترا ئي انقلاب برپا ڪيا.