مهسا امينيءَ جو موت مار ڪٽ جي ڪري نه بلڪه بيماريءَ جي ڪري ٿيو، ايران

نيدرلينڊز جي شهر، ’دي هيگ’ ۾ ايراني مظاهرين جي حمايت ۾ نڪرڻ واري ريليءَ ۾ شريڪ هڪ خاتون جي هٿ ۾ گل ۽ لکيل نعرا. 8 آڪٽوبر 2022.

ايران چيو آهي ته مهسا امينيءَ جي هلاڪت جي باري ۾ ڪيل تفتيش مان معلوم ٿيو آهي ته هوءَ بيماريءَ جي ڪري فوت ٿي، جڏهن ته اهي رپورٽون درست ناهن ته سندس هلاڪت مار ڪٽ جي ڪري ٿي، جن جي بنياد تي ٽن هفتن تائين خونخوار احتجاج ڪيو ويو.

ٻاويهن سالن جي امينيءَ جا پساه 16 سيپٽمبر تي پورا ٿيا، جنهن کان اڳ وارا ٽي ڏينهن هن بي هوشيءَ ۾ گزاريا، جڏهن کيس اخلاقيات جي پوليس اسلامي جمهوريه ۾ عورتن جي لباس تي عائد ضابطي کي ٽوڙڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو.

سندس موت تي ايران ۾ گزريل ٽن سالن ۾ نڪرڻ وارن سڀ کان وڏن احتجاجي مظاهرن جي هڪ نه ختم ٿيڻ واري لهر ڀڙڪي اٿي، جنهن کي دٻائڻ لاءِ سخت ڪاروائي جاري رهي جنهن دوران ڪيترا ئي درجن ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو.

اي ايف پيءَ پاران تصديق ڪيل آن لائين وڊيوز مطابق، ان جي باوجود ته سيڪيورٽي عمل دارن خوني نوعيت جي سخت گير ڪاروائي ڪئي، ايڪيهن راتين تائين عورتن جي قيادت ۾ احتجاج جاري رهيو.

ايران جي ’فورينسڪ’ تنظيم پاران جمعي جي ڏينهن ٻڌايو ويو ته مهسا امينيءَ جي هلاڪت مٿي، جسم جي اهم عضون ۽ لڱن تي ڌڪ لڳڻ جي ڪري نه ٿي هئي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اميني، جنهن جو ڪرد نالو ’جهينا’’ هو، ان جي موت جو تعلق ’برين ٽيومر’ جي جراحيءَ سان آهي، جيڪو عمل هن اٺن ورهن جي ڄمار ۾ ڪرايو هو.

امينيءَ جي سوڳوار ماءُ پيءُ مبينه طور تي ملوث آفيسرن خلاف شڪايت درج ڪرائي آهي، ۽ عراق ۾ رهندڙ سندس هڪ سوٽ اي ايف پيءَ کي ٻڌايو آهي ته هن جو موت ’’مٿي تي زوردار ڌڪ لڳڻ جي ڪري واقع ٿيو’’.

SEE ALSO: مظاهرا ڪندڙن تي سخت ڪاروائي، آمريڪا پاران ايراني عهديدارن خلاف پابندين جو اعلان

ان کان سواءِ احتجاج جي دوران ٻيون ڪيتريون ئي عورتون ۽ ڇوڪريون هلاڪ ٿيون، ليڪن حقن جي گروپ، ’ايمنيسٽي انٽرنيشنل’ چيو آهي ته ايران سندن خاندانن جا زبردستيءَ سان ورتل اعترافي بيان نشر ڪري رهيو آهي، ته جيئن سندن موت جي ذمي داريءَ تان سندس هٿ آجا ٿي سگهن.

ايران جي عدليه به انهن رپورٽن کي مسترد ڪيو آهي ته گزريل مهيني سيڪيورٽي فورسز تهران جي اولهه ۾ واقع علائقي، ڪارج ۾ نڪتل هڪ ريليءَ دوران هڪ نوجوان ڇوڪريءَ، سرينا اسماعيل زاده کي هلاڪ ڪيو هو.

سندس ويب سائيٽ تي هڪ پرازيڪيوٽر جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته تفتيش مان معلوم ٿيو آهي ته 16 ورهن جي اسماعيل زاده عمارت مان ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪئي هئي.

اوسلو ۾ قائم، ’ايران هيومن رائٽس’ ٻڌايو آهي ته سرڪاري ايجنٽن اسماعيل زاده جي خاندان تي زور ڀريو هو ته خودڪشيءَ جي گهڙيل ڪهاڻي بيان ڪئي وڃي.

ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن خاندان کي چيو ويو ته هو ان نوجوان ڇوڪريءَ جي لاش کي سڃاڻن ته ’’ان جي منهن تي ڪيترا زخم صاف ڏسڻ ۾ آيا ۽ آيل چوٽن جي ڪري ان جي نرڙ جو ساڄو پاسو مڪمل طور تي ڪچليل هيو’’.

انهن وڌندڙ احتجاجي مظاهرن دوران، سخت گير ڪاروائي ڪندي ايران جي حڪومت سوشل ميڊيا تي رسائي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾’انسٽاگرام’ ۽ ’واٽس ايپ’ شامل آهن، جڏهن ته وڏي پيماني تي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي.

هوڏانهن، جمعي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، جن ۾ نيدرلينڊز ۽ اٽلي به شامل آهن، عورتن جي حقن جي تنظيمن جي سهڪار سان وڏا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ ايراني عورتن جي حقن جي حمايت ڪئي وئي ۽ مهسا امينيءَ جي پوليس حراست دوران هلاڪت تي سخت تنقيد ۽ ان جي مذمت ڪئي وئي.

(هيءَ رپورٽ خبرن جي اداري، اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)