نوجوان عورت جي موت تي احتجاج کي دٻائڻ لاءِ ايراني حڪومت پاران ’ڪريڪ ڊائون’ ۾ تيزي

ايران جي شهر جوانرد ۾ مهسا امينيءَ جي حق ۾ نڪرڻ واري احتجاجي مظاهري دوران باهه ڀڙڪي پئي. سوشل ميڊيا اسڪرين گريب. 8 آڪٽوبر 2022.

اڱاري ڏينهن ايران ۾ ٻاويهن سالن جي مهسا امينيءَ جي هلاڪت جي معاملي تي نڪرندڙ مظاهرن کي دٻائڻ لاءِ سخت ڪاروائي جاري رکي وئي. سرڪاري عمل دار دعوا ڪن ٿا ته اخلاقيات جي پوليس مهسا امينيءَ کي ان ڪري حراست ۾ ورتو هو جو هن حجاب جي ضابطن مطابق پنهنجا وار نه ڍڪيا هيا. سوشل ميڊيا تي شائع ٿيندڙ رپورٽن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪرد علائقي جي طرف ٽينڪون روانيون ڪيو ويون آهن ته جيئن مظاهرن جي جوش و خروش کي ٻنجو ڏئي سگهجي.

وڳوڙ سان منهن ڏيڻ واري پوليس ايران جي ڪردستان جي صوبي جي گاديءَ واري هنڌ، سنندج جي هڪ پاسي تي فائر کوليو. هي علائقو ايران جي گاديءَ واري هنڌ تهران کان 400 ڪلوميٽر پري آهي. ڪرد گروپ جنهن جو خودساخته نالو ’انساني حقن جي هينگا تنظيم’ آهي، ان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ اونداهين سڙڪن کي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن دوران بندوق جي فائرنگ ٿي رهي آهي جڏهن ته باهه جا ڀڀڙ ۽ الاو مچي رهيا آهن.

ايران جي ٻين علائقن ۾ به احتجاج جاري رهيو، جڏهن ته تهران جي گاديءَ واري هنڌ جون وڊيو سامهون آيون آهن جن ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون مٿي تي اسڪارف بنان سڙڪن تي مارچ ڪري رهيون آهن.

هڪ اخبار جو ڪور فوٽو (فائيل فوٽو)

مهسا امينيءَ جي ياد ۾احتجاجي مظاهرن کي هاڻي چوٿون هفتو ٿي چڪو آهي، جيڪو 2009 جي ’سبز تحريڪ’ جي احتجاج کان پوءِ ايران جي ملائيت جي لاءِ تمام وڏو چيلينج آهي. سومر ڏينهن پهريون ڀيرو تيل جي صنعت جا ڪجهه ڪارڪن ٻن وڏين رفائنريز جي تنصيبات ۾ٿيل احتجاج ۾ شريڪ ٿيا، ۽ ڪشيدگي اوڏانهن وڃي پهتي آهي جيڪا صنعت هن مذهبي رياست جي لاءِ اهميت رکي ٿي.

اميني ڪرد هئي ۽ 17 سيپٽمبر تي جڏهن سندس لاش کي دفن ڪيو پئي ويو ته ان وقت احتجاجي مظاهرا ڀڙڪي اٿيا هيا، جنهن کان هڪ ڏينهن اڳ هن جو موت واقع ٿيو هو.

’ايمنسٽي انٽرنيشنل’ ايران جي سيڪيورٽي فورسز تي تنقيد ڪئي آهي، ڇو ته هنن ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو کلو استعمال ڪيو، ايتري حد تائين جو گهرن جي اندر به گولا اڇلايا ويا. انساني حقن جي گروپ دنيا جي سڀني قومن تي زور ڀريو آهي ته اهي ايران جي ’ڪريڪ ڊائون’ کي بند ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهن. تهران انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جي نيٽ ورڪس تي بندش جاري رکي آهي، اها ڪوشش ڪندي ته جيئن سندس ڏوهن تي پردو پيو رهي.

ايران سنندج ۾ مظاهرن خلاف سخت ڪاروائيءَ کي تسليم ڪيو آهي، ليڪن ايران جي پرڏيهي وزارت برطانيه جي سفير کي احتجاج درج ڪرائڻ لاءِ سڏايو، جنهن کان اڳ برطانيه ايران جي اخلاقيات جي پوليس ۽ ڪريڪ ڊائون ۾ ملوث سيڪيورٽي عمل دارن جي خلان پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪيو.

ايران جي پرڏيهي وزارت انهن پابندين کي ’’يڪ طرفه ۽ بي بنياد’’ قرار ڏنو آهي، ۽ ڌمڪي ڏني آهي ته ايران برطانيه جي خلاف ممڪنه انتقامي قدم کڻندو.

SEE ALSO: مهسا امينيءَ جو موت مار ڪٽ جي ڪري نه بلڪه بيماريءَ جي ڪري ٿيو، ايران

وائيٽ هائوس جي قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪار، جيڪ سليوان چيو آهي ته ’’جيڪو ڪجهه ايران ۾ ٿي رهيو آهي، دنيا ان کي ڏسي رهي آهي’’.

ٽوئٽر ۾ پنهنجيءَ پوسٽ ۾ سليوان چيو ته ’’هي مظاهرين ايراني شهري آهن، جيڪي عزت ۽ بنيادي حقن جو مطالبو ڪري رهيا آهن، ۽ جن جي قيادت عورتون ۽ ڇوڪريون ڪري رهيون آهن’’.

هن چيو ته ’’اسان هنن سان گڏ بيٺا آهيون، ۽ اسان انهن کي ذمه دار بڻائينداسين جيڪي کين دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن’’.

اوسلو ۾ قائم ’ايران هيومن رائٽس’ جي اندازي مطابق، احتجاجي مظاهرن دوران گهٽ ۾ گهٽ 185 ڄڻا هلاڪ ٿيا آهن، جڏهن ته هزارين مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن ۾ تقريبن 90 ماڻهو شامل آهن جيڪي ايران جي شهر زاهدان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هٿارئون ماريا ويا، جتي پوليس جي خلاف هڪ ٻئي معاملي تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ پوليس عمل دار تي مبينه ’ريپ’ جو الزام هيو.حڪومت جو چوڻ آهي ته سندس سيڪيورٽي فورسز جي 20 کان وڌيڪ اهل ڪارن کي ماريو ويو آهي.

(هن رپورٽ ۾ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)