گوادر: مولانا هدايت الرحمان گرفتار

مولانا هدايت الرحمان کي پوليس جي بڪتربند گاڏيءَ ۾ وهاريو پيو وڃي. 13 جنوري 2023.

گوادر کي ’حق ڏيو تحريڪ’ جو سربراه مولانا هدايت الرحمان ۽ سندس ٻن ڪارڪنن کي پوليس عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو.

مولانا هدايت الرحمان جي خلاف گوادر جي مختلف ٿاڻن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ مقدما درج ٿيل آهن.

جمعي جي ڏينهن عدالت ۾ حاضريءَ جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) گوادر پوليس فورس ساڻ ڪري مولانا هدايت الرحمان کي عدالت جي اڱڻ تان گرفتار ڪيو. گرفتار ٿيڻ وارن ۾ نصيب شيرواني ۽ حسن مراد به شامل آهي جنهن کي پوليس گرفتار ڪري بڪتر بند گاڏيءَ ۾ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.

حق ڏيو تحريڪ جي سربراه جج جي سامهون پيش ٿي گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

تحريڪ مولانا هدايت الرحمان جي گرفتاريءَ جي وڊيو به جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهل ڪار کين بڪتربند گاڏيءَ ۾ وهاري رهيا آهن.

حق ڏيو تحريڪ جي سربراه جي خلاف درج مقدمن ۾ قتل، امن ۾ بگاڙ، وڳوڙ ۽ ٻيا دفعات شامل آهن.

مولانا هدايت الرحمان جي گرفتاريءَ جي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسو سي ايشن جي وڪيلن پوليس جي خلاف احتجاج ڪيو.

ياد رهي ته پوليس گوادر ۾ حق ڏيو تحريڪ جي مظاهري جي دوران پوليس عمل دار جي مارجي وڃڻ کان پوءِ مقدما درج ڪيا هيا.

گوادر ۾ حق ڏيو تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ پوليس جي وچ ۾ گزريل جهڙپن کان پوءِ وڏي پيماني تي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو هو ۽ شهر ۾ دفعا 144 به اڃان تائين نافذ آهي.

پوليس جي ڪاروائيءَ کان پوءِ مولانا هدايت الرحمان روپوش ٿي ويو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي بيان جاري ڪندو رهندو هو.

هوڏانهن بلوچستان بار ڪائونسل جي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ گوادر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي ڪورٽ جي احاطي ۾ ’حق ڏيو تحريڪ’ جي سربراه مولانا هدايت الرحمان بلوچ جي گرفتاريءَ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

ٻئي پاسي، وزير داخله بلوچستان مير ضيا الله لانگهي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گوادر جي هر شئي تي پهريون حق گوادر جي عوام جو آهي.

(غلام مرتضي زهريءَ جي رپورٽ)