آئي ايم ايف پروگرام هيٺ 170 ارب روپين جا محصول لڳائڻا پوندا، اسحاق ڊار

اسحاق ڊار (فائيل فوٽو)

پاڪستان جي خزاني جي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) سان ٿيڻ وارن مذاڪرات کان پوءِ 170 ارب روپين جا ٽيڪس لڳائڻا پوندا، جڏهن ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ به وڌيڪ 10 في صد جي واڌ ايندي.

اسحاق ڊار جمعي جي ڏينهن اسلام آباد ۾ اخباري ڪانفرنس جي دوران ٻڌايو ته آئي ايم ايف سان ڏهن ڏينهن تائين جاري رهڻ وارن مذاڪرات جي دوران توانائي ۽ مالياتي شعبن ۾ اصلاحات سميت محصول تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

هن چيو ته مذاڪرات کان پوءِ آئي ايم ايف پاران ميمورينڊم آن اڪنامڪ اينڊ فائنينشل پاليسيز (ايم اي ايف پي) جو مسودو اڄ صبح موصول ٿي چڪو آهي جنهن تي حڪومت غور ڪري رهي آهي.

خزاني جي وزير مطابق آئي ايم ايف سان ڪيل وعدن کي پوري ڪرڻ ۾ ڪا مونجهه ڪونهي، حڪومت پنهنجا سمورا وعدا پورا ڪندي ۽ پروگرام تي عمل درآمد ڪيو ويندو.

سندس بقول، آئي يام ايف جي اگزيڪٽو بورڊ جي منظوريءَ کان پوءِ پاڪستان کي تقريبا هڪ اعشاريه ٻه ارب ڊالر ملي سگهن ٿا.

هن چيو ته محصولن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ 170 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويندا، جنهن جي لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي. هن چيو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ اصلاحات لازم ٿي چڪيون آهن جن جي ذريعي گردشي قرض گهٽائڻ جي لاءِ سبسڊيءَ کي گهٽايو ويندو.

SEE ALSO: آئي ايم ايف مشن مذاڪرات: ‘اميد آهي پاڪستان شرط پورا ڪري وٺندو’

اسحاق ڊار جي مطابق پيٽروليم ڊولپمنٽ ليويءَ جي مد ۾ اضافو تقريبا پورو ٿي چڪو آهي، ليڪن ڊيزل تي ليوي 40 کان وڌائي 50 ڪرڻي پوندي. سندس بقول، ڊيزل جي اگهه ۾ 10 روپين جي واڌ ٻن مرحلم ۾ پهرئين مارچ کان ڪئي ويندي.

واضح رهي ته قرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني حڪام ۽ آئي ايم ايف جي وفد جي وچ ۾ 31 جنوريءَ کان نائين فيبروريءَ تائين اسلام آباد ۾ مذاڪرات جو عمل جاري رهيو.

آئي ايم ايف اسلام آباد مان وفد جي روانگيءَ کان پوءِ جمعي ڏينهن جاري ڪيل هڪ اخباري بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان سان گڏ ملڪي ۽ بيروني مالياتي عدم توازن کي گهٽائڻ جي پاليسيءَ تي اطمينان بخش پيش رفت ٿي آهي.

ليڪن آئي ايم ايف پريس رليز ۾ مذاڪرات جي ڪاميابيءَ جو ڪو ذڪر ڪونهي.

جمعي ڏينهن صحافين خزاني جي وزير کان جڏهن ان متعلق سوال ڪيو ته هن چيو ته ان جي ڪري ڪو فرق نه ٿو پوي.

سندس بقول، آئي ايم ايف وفد مذاڪرات جي دوران مطمئن هيو ۽ وزير اعظم به اهو عزم ظاهر ڪيو ته آئي ايم ايف جي پاران ڏنل تجويز تي عمل دارآمد ڪيو ويندو.

(محمد ثاقب جي رپورٽ)