سنڌ ۾ هندو عورت جو دل ڏاريندڙ قتل جو واقعو

ديا ڀيل جو لاش سندس گهر جي ويجهو سرنهن جي پوک مان مليو

ديا ڀيل جي نينگريءَ ٻڌايو آهي ته ’’ماءُ مون کي چيو ته تون هاڻي گهر ويهه، رهيل گاهه جي ڀري مان پاڻ کڻي ايندس. اهو چوندي هوءَ پاڻ هلي وئي’’. ان کان اڳ هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ گاهه ڪرڻ جي لاءِ ٻنيءَ تي وئي هئي.

سنڌ صوبي جي سانگهڙ ضلعي ۾ هندن جي ڀيل برادريءَ سان تعلق رکڻ واري ديا ڀيل جي بي درديءَ سان ٿيل قتل جي واقعي تي پاڪستان سان گڏ ڀارت جو به رد عمل سامهون آيو آهي.

ان خبر تي ردعمل ڏيندي، ڀارتي حڪومت پاڪستان تي زور ڀريو آهي ته اها ملڪ ۾ هندو برادريءَ جو تحفظ يقيني بنائي.

ضلع سانگهڙ جي علائقي سنجهورو جي ڊپٽي نالي ڳوٺ جي رهواسي، ديا ڀيل، بيوه ۽ پنجن ٻارن جي ماءُ هئي. سندس ٻارن ۾ هڪ پٽ ۽ چار نياڻيون شامل آهن، جن مان هڪ ننيگريءَ کان سواءِ سڀئي پرڻيل آهن.

ديا جي ڪٽمب جو چوڻ آهي ته هوءَ 28 ڊسمبر جي صبح جو هر روز وانگر گهر کان ڪجهه پري سرنهن جي ٻنيءَ جي ڀرسان گاهه ڪرڻ جي لاءِ نڪتي هئي.

ان وقت سندس 14 ورهن جي نينگري ان سان ساڻ هئي. گاهه جي هڪ ڀري هوءَ پنهنجي نياڻيءَ سان گڏ گهر پڄائي، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي نياڻيءَ کي گهر رهڻ جو چئي رهيل گاهه کڻي اچڻ جي لاءِ ٻيهر کيت ڏانهن وئي، جنهن کان پوءِ گهڻي دير ٿيڻ جي باوجود هوءَ واپس گهر نه پهتي.

ڪيترن ڪلاڪن جي ڳولها کان پوءِ سندس لاش گهر کان 500 ميٽر پري سندس ٻنيءَ جي ويجهو مليو، جيڏانهن هوءَ وئي هئي.

ديا جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته سندس سر ڌڙ کان جدا ٿيل هيو، جڏهن ته چهري، ڇاتيءَ ۽ ٻانهن جي کل لاٿي وئي هئي.

پوليس لاش جو ابتدائي معائنو ڪري ان جي پوسٽ مارٽم جي لاءِ سول اسپتال روانو ڪيو جتي اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته قتل ڪنهن تيز ڌار هٿيار سان ڪيو ويو هو.

وائس آف آمريڪا ان معاملي تي ڪيترا ڀيرا پوليس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر تعارف ٻڌڻ کان پوءِ سندن پاران فون بند ڪيو ويو. ليڪن، ٻين ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته جمعي جي شام پوليس کي ديا جي ان ڏينهن گاهه ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيل ڏاٽو ۽ سندس ڪپڙا گهر جي ويجهو مليا جنهن کان پوءِ تحقيقات ۾ تيزي اچي وئي آهي.

هڪ عورت جو اهڙيءَ بي درديءَ سان قتل جي واقعي جي ڪري ڀيل برادريءَ ۾ ڊڄ، ڏک ۽ هراس جو احساس وڌيو آهي. ليڪن ديا ڀيل جي پٽ سومر ڀيل جو چوڻ آهي ته سندس ماءُ ۽ سندس خاندان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ڪونهي.

واقعي جي آيف آئي آر سيڪشن 302 جي تحت ديا ڀيل جي پٽ جي اڳواڻيءَ ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن جي خلاف ڪيس درج ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ تحقيقات ۾ تيزي اچي وئي آهي.

واقعي کان پوءِ ڪجهه ئي ڪلاڪن جي اندر پوليس ڇهن کان ست گرفتاريون ڪيون آهن، جن ۾ ديا ڀيل جي خاندان جا به ڪجهه مرد جيڪي جادو ٽوڻن ڪرڻ جي شهرت رکندا آهن، جن کي ’ڀوپا’ چيو ويندو آهي، تن کي به پوليس تحويل ۾ ورتو آهي.

ان ڪيس جي ڇنڊ ڇاڻ متعلق پوليس ميڊيا کي اطلاع نه ٿي ڏئي نه ئي انهن گرفتارين جي حوالي سان ڪجهه چئي رهي آهي. ليڪن، سومر ڀيل ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سندس ماءُ جي قتل جي شڪ ۾ پوليس سندن خاندان جي ڪجهه اهم ماڻهن کي تحويل ۾ ورتو آهي.

پنج رڪني ’جي آئي ٽي’ ترتيب

ديا قتل ڪيس ۾ پنجن ميمبرن جي جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم (جي آئي ٽي) ٺاهي وئي آهي جنهن جي اڳواڻي سنجهورو جو ڊي ايس پي، جاويد احمد چانڊيو ڪري رهيو آهي. جي آئي ٽيءَ کي ايندڙ 24 ڪلاڪن جي اندر ڊي آئي جي سنڌ کي ابتدائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو آهي.

ڀارت جو پاڪستان جي اقليتن جي تحفظ جو مطالبو

نئين دهليءَ ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائندي، سهيل انجم مطابق، ڀارت سنڌ ۾ هندو خاندان جي ڀاتيءَ جي دکدائڪ قتل جي واقعي جي مذمت ڪندي، پاڪستان تي زور ڀريو آهي ته ملڪ ۾ اقليتن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

پرڏيهي ناتن جي محڪمي جي ترجمان، ارندم باگچيءَ کان خميص ڏينهن هفتي وار پريس بريفنگ دوران ڀيل برادريءَ جي خاتون جي قتل متعلق سوال ڪيو ويو. ترجمان چيو ته اسان ان متعلق رپورٽون ڏٺيون آهن. ليڪن اسان کي تفصيلات معلوم ڪونهن. ليڪن اسان پاڪستان کان پنهنجو مطالبو دهرايون ٿا ته هو اقليتن جو تحفظ ڪري جيڪا ان جي ذمي داري آهي.

سنڌ سان تعلق رکڻ واري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر، ڪرشنا ڪماريءَ به ديا ڀيل جي ڳوٺ جو دورو ڪري سندس قتل جي مذمت ڪئي آهي.

هڪ ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ آهي ته بيواه ديا ڀيل کي وحشيانه طور تي قتل ڪيو ويو.

ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان تي صوبائي وزير جو ردعمل

سنڌ جي اقليتي ناتن جي وزير، گيان چند چيو آهي ته پاڪستان اقليتن جي لاءِ محفوظ ملڪ آهي جتي ٿورائيءَ وارين جاتين کي مڪمل آزادي حاصل آهي.

هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي ناتن جي محڪمي ڀارت جي پاران هندو عورت جي قتل ۽ پاڪستان کان ڪيل مطالبي تي ڪو رد عمل نه ڏنو آهي. ليڪن ماضيءَ ۾ پاڪستان جي موقف رهيو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن کي برابريءَ جا حق حاصل آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اقليتن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو آهي.

ترجمان چيو ته تحقيقات مڪمل ٿيڻ تائين ان قتل کي مذهبي رنگ ڏيڻ مناسب نه ٿيندو.

(سدره ڊار جي رپورٽ)