بائيڊن جو سعودي عرب جو دورو، ولي عهد محمد بن سلمان آڏو خشوگيءَ جو معاملو اٿاريو ويو

صدر جو بائيڊن اسرائيل جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ براه راست پرواز ذريعي سعودي عرب پهتو

آمريڪا جي صدر جو بائيڊن سعودي عرب پهچڻ تي ملڪ جي فرمان روا شاه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. سندس مشرق وسطي جي دوري جو مقصد خطي ۾ آمريڪا جي اثر و رسوخ جي بحالي ۽ ايران جي وڌندڙ خطري جي پيش نظر اسرائيل جي سلامتيءَ کي مضبوط بنائڻ شامل آهي.

سعودي قيادت ساڻ بائيڊن جي ملاقات ان صورت حال ۾ ٿي رهي آهي جڏهن ماضيءَ ۾ بائيڊن سعودي عرب جي انساني حقن جي حوالي سان رڪارڊ تي تنقيد ڪندا رهيا آهن.

صدر بائيڊن جي چوڻ مطابق سندن سعودي عرب جو دورو مشرق وسطي ۾ آمريڪا جي اثر و رسوخ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اقدامات جو حصو آهي.

سندن بقول، اسان مشرق وسطي ۾ اهڙي خلا نه ٿا ڇڏي سگهون جنهن کي روس ۽ چين ملي پر ڪري سگهن.

سعودي رهمنائن سان جمعي ڏينهن ملاقات کان پوءِ صحافين سان گفتگو ڪندي جو بائيڊن چيو ته انهن ڪوششن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

سعودي عرب جو اسرائيل سان فضائي حدون کولڻ جو اعلان

ان کان اڳ جو بائيڊن اسرائيل سان سڌي سنئين پرواز ذريعي جده پهتو، سعودي عرب آمريڪا جي صدر جي جده آمد کان ڪجهه ئي ڪلاڪ اڳ اسرائيل لاءِ پنهنجون فضائي حدون کولهڻ جو اعلان ڪيو.

اهڙي اعلان کان پوءِ سعودي عرب جي طرفان اسرائيل کان ايندڙ ويندڙ فلائيٽس تي پابندي ختم ٿي وئي آهي.

صدر بائيڊن چيو آهي ته هي قدم متحد ۽ مستحڪم مشرق وسطي جي لاءِ ڪوششن جو نتيجو آهي.

شاه سلمان ۽ محمد بن سلمان سان ملاقاتن جي حوالي سان آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته سعودي عرب جي دفاع جي لاءِ سڪيورٽي جي ضرورتن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

بائيڊن بحيره مردار ۾ واقع تيران جي ٻيٽ ۾ موجود گهڻ ملڪي امن فورس جي واپسيءَ جو به اعلان ڪيو.

تيران جي ٻيٽ کان فوج جي واپسيءَ جو اعلان

هن قدم سان هن ٻيٽ جي مالڪي رياض جي هٿ ۾ اچي ويندي. واشنگٽن هن معاهدي کي تاريخي ۽ خطي ۾ امن جو باعث قرار ڏنو آهي.

بحيره مردار ۾ اهم مقام تي واقع ان ٻيٽ تي مصر، سعودي عرب، اسرائيل ۽ اردن دعويدار رهيا آهن.

هن ٻيٽ تان امن فوج، جنهن ۾ آمريڪي فورسز به 1978 ۾ شامل هيون، اهي هن ئي سال جي آخر ۾ واپس ٿينديون.

ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته رياض پاران اسرائيل جي پروازن لاءِ پنهنجون حدون کولڻ جو ڪارڻ اهو معاهدو ئي آهي.

جمال خشوگيءَ جو معاملو

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين رهمنائن سان بائيڊن جي ملاقات متعلق ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ وفد۾ شامل عمل دارن دير ڪئي، جڏهن ته ميڊيا سان گفتگو ڪندي بائيڊن چيو ته هن سعودي ولي عهد جي سامهون جمال خشوگيءَ جي قتل جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو کلي اظهار ڪيو.

بائيڊن بقول، ولي عهد محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته خشوگيءَ جي قتل ۾ ذاتي طور تي هو ملوث ناهي.

آمريڪي صدر ٻڌايو ته هن جواب ۾ ولي عهد کي چيو ته منهنجي مطابق سعودي ولي عهد ان قتل جو ذمه دار آهي.

انساني حقن جي تنظيمن جي تنقيد

ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سڪريٽري جنرل، ايگنس ڪلامارڊ وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بائيڊن جو سعودي عرب جو دورو هر ان فرد لاءِ جيڪو انساني حقن جي لاءِ ميدان ۾ آهي، هڪ چماٽ کان گهٽ ڪونهي.

هن چيو ته بائيڊن جي اقدامات منجهان معلوم ٿئي ٿو ته انساني حقن جي ڪا قيمت ڪانهي ۽ ٻين معاملن جي بدلي انهن جو سودو ٿي سگهي ٿو.

بائيدن جون عرب رهنمائن سان ملاقاتون

آمريڪا جي صدر ڇنڇر ڏينهن سعودي شهر جده ۾ عرب رهنمائن سان ملاقات ڪئي، جتي هن مشرق وسطي ۾ آمريڪا جي ايندڙ ڪردار جي باري ۾ پنهنجو لائحه عمل پيش ڪيو.

بائيڊن جي سي سي پلس ٿري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ خليج تعاون ڪائونسل جي رڪن ملڪن بحرين، ڪويت، اومان، قطر، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان سواءِ مصر، عراق ۽ اردن جي رهنمائن شرڪت ڪئي.

ان اجلاس ۾ توانائيءَ جي پاليسيءَ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. البته سندس صلاح ڪارن جو چوڻ آهي ته ان اجلاس ۾ تيل جي پيداوار جي حوالي سان ڪو اعلان متوقع ڪونه هو.

بائيڊن ۽ جي سي سي پلس ٿري جي رهنمائن پاران عراق جي بجليءَ جي گرڊ کي ڪويت ۽ سعودي عرب سان ملائڻ جو اعلان متوقع آهي.هن قدم سان عراق جي توانائيءَ جي ضرورتن لاءِ ايران تي انحصار گهٽ ٿيڻ جي اميد آهي.