ڪابل ۾ چيني هوٽل تي حملي ۾ ٻه غير ملڪي زخمي، حملو ڪندڙ ٽي ڄڻا هلاڪ

ڪابل جي’ شهر نو’ جي علائقي جي هوٽل تي حملو، دوهون اٿندي ڏسي سگهجي ٿو. 12 ڊسمبير 2022.

ڪابل جي مرڪزي حصي ۾ واقع چيني باشندن ۾ مقبول هڪ هوٽل تي سومر ڏينهن مسلح ماڻهن حملو ڪيو ۽ هوٽل جي اندر فائرنگ ڪئي. سيڪيورٽي جي ڪم تي لڳل عمل دارن فوري جوابي ڪاروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽي حمله آور مارجي ويا.

طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد حملي جو اطلاع ڏيندي ٽوئٽر تي لکيو آهي ته هوٽل جي بالڪنيءَ تان ٽپو ڏئي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ٻه غير ملڪي باشندا زخمي ٿيا.

طالبان جي ذريعن ٻڌايو آهي ته حملو ’لونگن هوٽل’ تي ڪيو ويو جتي عام طور تي چيني ۽ ٻيا غير ملڪي ترسندا آهن.

ڪابل ۾ هڪ صحافيءَ جي پاران ٽوئٽر تي وڊيو پوسٽ ڪئي وئي آهي جنهن جي خبرن جي اداري، رائيٽرز به تصديق ڪئي آهي. وڊيو ۾ گوليون هلڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ عمارت جي هڪ ماڙ تي دوهون اٿندي نظر اچي ٿو. جڏهن ته وڊيو ۾ هڪ شخص هوٽل جي دريءَ مان ٽپو ڏئي پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

اٽليءَ جي هڪ ’اين جي او’ جي انتظام هيٺ هلندڙ اسپتال جي انتظاميه ٻڌايو آهي ته حملي کان پوءِ اسپتال ۾ 21 ماڻهن کي آندو ويو جن مان 18 زخمي هيا جڏهن ته ٽي اتي پهچڻ دوران فوت ٿي ويا. اها اسپتال هوٽل جي ويجهو آهي.

ڪابل پوليس جي ترجمان خالد زدران ٻڌايو ته حملو مقامي وقت جي مطابق ٻپهريءَ جي اڍائي وڳي ٿيو. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته انهن هڪ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو جنهن کان پوءِ گوليون هليون.

حملي کان هڪ ڏينهن اڳ چين جي سفير افغان نائب وزير خارجه کان سيڪيورٽيءَ جي متعلق معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ۽ پنهنجي سفارت خاني جي وڌيڪ حفاظت تي زور ڏنو هو.

چين جي خبرن جي اداري، ’شنهوا’ چيو آهي ته هي حملو چيني گيسٽ هائوس جي ويجهو ٿيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪابل ۾ سندس سفارت خاني صورت حال تي گهري نظر رکي آهي.

سفارت خاني رائيٽرز جي پاران تبصرو ڪرڻ جي درخواست جو جواب نه ڏنو آهي.

تازن مهينن دوران افغانستان ۾ ڪيترا ئي بم ڌماڪا ٿيا آهن، جن ۾ هن مهيني جي شروع ۾ پاڪستاني سفارت خاني تي حملي ۽ سيپٽمبر ۾ روسي سفارت خاني جي ويجهو ڌماڪو شامل آهي. ٻنهين حملن جي ذمي داري دولت اسلاميه يعني داعش قبول ڪئي آهي.

طالبان، جن آگسٽ 2021 ۾ افغانستان جو ڪنٽرول سنڀاليو هو، چيو آهي ته اهي ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ امن و امان جي صورت حال بهتر بنائڻ جا قدم کڻي رهيا آهن.

(هن رپورٽ ۾ شامل مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)