احسن رضا: موت کي مات ڏيندڙ امپائر ايليٽ پينل ۾ پھچي ويو

احسن رضا

اهو 3 مارچ 2009 جو ڏينهن هو جڏهن سري لنڪا جي ٽيم لاهور ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن معمول موجب هوٽل کان قذافي اسٽيڊيم وڃي رهي هئي، اوچتو لبرٽي چوڪ وٽ ٽيم جي بس ۽ اهلڪارن جي گاڏين تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ٿيڻ لڳي.

سري لنڪن ٽيم جي پاڪستاني بس ڊرائيور مهر خليل پنھنجي اعليٰ مهارت سان حملي ھيٺ ايندڙ بس کي قذافي اسٽيڊيم اندر پھچائي ڇڏيو، ان ھوندي به حملي ۾ سري لنڪن ٽيم جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واقعي ۾ ٻه شهري ۽ 6 سيڪيورٽي اهلڪار جانيون وڃائي ويٺا. تنھن وقت ريزرو امپائرز ۾ شامل پاڪستاني امپائر احسن رضا پڻ سخت زخمي ٿي پيو ھو.

احسن رضا گوليون لڳڻ سبب ڪيترن ئي ڏينهن تائين لاهور جي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ڇڪ تاڻ ۾ مبتلا رهيو، پر مٿس هڪڙي ئي ڌُن سوار ھئي ته ھُو چڱو ڀلو ٿي ٻيھر امپائرنگ ڪندو.

قدرت جتي احسن رضا کي نئين حياتي ڏني ۽ هو ٻيهر راند جي ميدان ۾ نظر آيو، اتي ان واقعي جي 14 سالن کانپوءِ کيس انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) جي ايليٽ پينل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

احسن رضا کي پنھنجي ھم وطن عليم ڊار جي ايليٽ پينل مان ھٿ کڻڻ بعد شامل ڪيو ويو آهي. عليم ڊار 19 سالن تائين ان پينل جو حصو رهيو ۽ ان دوران هن 435 ميچن ۾ امپائرنگ ڪئي.

احسن رضا کي محنت جو ڦل مليو

اٺيتاليهن ورهين جو احسن رضا هن وقت تائين 7 ٽيسٽ، 41 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 72 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ آن فيلڊ امپائر جا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ميچن ۾ ٽي وي امپائر پڻ رهيو آهي. هن وقت پاڪستان سپر ليگ 8 ۾ به هو عليم ڊار سان گڏ امپائرنگ ڪري رهيو آهي.


پي سي بي مئنيجمينٽ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين نجم سيٺي احسن رضا کي آئي سي سي ايليٽ پينل ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته احسن رضا کي محنت جو ثمر ملي ويو، ايليٽ پينل ۾ سندس شموليت سڄي پاڪستان لاءِ وڏي خوشخبري آهي.

ھن وڌيڪ چيو ته احسن رضا نوجوانن لاءِ رول ماڊل آهي ۽ سندس ترقي ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته پاڪستان ۾ سٺن امپائرن جي ڪا به کوٽ ڪانهي.

احسن رضا به ايلٽ پينل ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اها ڪاميابي رڳو سندس نه پر سڄي ملڪ جي آهي. هُو هر پل پاڪستان جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

وڪيٽ ڪيپر کان امپائرنگ تائين


29 مئي 1974 تي لاهور ۾ پيدا ٿيندڙ احسن رضا پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات 90 جي ڏهاڪي ۾ بطور وڪيٽ ڪيپر بيٽس مين ڪئي. ھن ستن سالن تائين فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ فيصل آباد، حبيب بئنڪ، لاهور ۽ سرگوڌا جي نمائندگي ڪرڻ بعد امپائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

سن 2006 ۾ بطور امپائر فرسٽ ڪلاس ڊيبيو ڪندڙ احسن رضا فيبروري 2010 ۾ افغانستان ۽ ڪيناڊا جي وچ ۾ ٿيندڙ ون ڊي انٽرنيشنل کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ قدم رکيو.

ساڳئي ئي سال ابوظهبي ۾ ٿيل پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ امپائرنگ ڪري ھو ڪرڪيٽ جي نئين فارميٽ سان پڻ جڙي ويو.

پر اهو سڀ ڪجهه ان وقت خواب لڳي رهيو هو جڏهن احسن رضا مارچ 2009 ۾ لاهور جي سروسز اسپتال ۾ پنهنجي زندگي جي جنگ وڙهي رهيو هو.

سري لنڪن ٽيم تي حملي ۾ مھمان ٽيم جا ڪيترائي رانديگر زخمي ٿيا، پر جنھن وين ۾ انٽرنيشنل امپائرن سائمن ٽافل ۽ اسٽيو ڊيوس سان گڏ پاڪستاني امپائر نديم غوري ۽ احسن رضا سفر ڪري رهيا هئا تنھن وين جو ڊرائيور مارجي ويو ھو.

انھي دوران احسن رضا جي پيٽ ۾ ٻه گوليون لڳيون، جنهن سبب هو رت ۾ ڳاڙھو ٿي ويو. انھي مھل ميچ ريفري ڪرس براڊ حاضر دماغي ڏيکاريندي پنهنجي زخمي ساٿي مٿان ليٽي پيو جنهن ڪري رت وهڻ گهٽجي ويو.


گھڻو رت وهڻ سبب احسن رضا کي ايمرجنسي ۾ داخل ڪرڻو پيو، جتي ڊاڪٽرن سندس آپريشن ڪيو. ان آپريشن دوران کيس ٻه درجن کان وڌيڪ رت جي بوتلن جي ضرورت پئي ۽ سندس جسم تي 88 ٽاڪا پڻ لڳ

احسن رضا جي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ سبب ڊاڪٽرن کيس 26 ڏينهن آئي سي يو (انتهائي نگهداشت واري وارڊ) ۾ رکيو. حادثي بعد ڪيترن ئي مهينن تائين ھو بيهي به نه پئي سگهيو.

تندرست ٿيڻ بعد هو هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ۾ لٿو ۽ امپائرنگ شروع ڪيائين

سال 2015 ۾جڏهن حملي کانپوءِ پهرين انٽرنيشنل ٽيم پاڪستان آئي ته زمبابوي خلاف ان سيريز ۾ احسن رضا کي به امپائرنگ پينل ۾ شامل ڪيو ويو.


تنھن وقت کان وٺي احسن رضا پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 2018 ۾ انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۽ ويمن ٽي 20 ورلڊ ڪپ، 2019 ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۽ 2020 ۾ ٿيندڙ ويمن ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچن ۾ امپائرنگ جا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي.

احسن رضا کي ٽيسٽ امپائر ٿيڻ لاءِ ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پيو، پر جنوري 2021 ۾ پنھنجو ٽيسٽ ڊيبيو ڪرڻ کان اڳ هو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ 50 ميچ سپروائيز ڪندڙ پهريون امپائر بڻجي ويو.

(عمير علويءَ جي رپورٽ)