رسائی کے لنکس

حڪومت ۽ عالمن تي بغير ثبوت الزام قابل سزا آهي، طالبان


طالبان ترجمان، ذبيح الله مجاهد (فائيل فوٽو)
طالبان ترجمان، ذبيح الله مجاهد (فائيل فوٽو)

افغانستان ۾، جنهن کي طالبان اسلامي امارات جو نالو ڏيندا آهن، طالبان جي رهنما مولوي هبت الله آخوندزادي چيو آهي ته امارات جي خلاف بنا ثبوت جي الزام لڳائڻ تي ممانعت هوندي.

ابلاغ جي مقامي ذرائع مطابق، طالبان جي ترجمان، ذبيح الله مجاهد هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪيتريون ئي حديثون بغير ثبوت لڳڻ وارن الزامن کي ڪوڙ قرار ڏين ٿيون ۽ اهڙا الزام سزا جي قابل آهن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀني شهرين ۽ ميڊيا جي ذمه داري آهي ته اهي هن حڪم نامي تي فوري عمل درآمد ڪن.

تحريري بيان مطابق، اسلامي قدرن ۽ اسلامي شريعت جي مطابق، عمل دارن جي باري ۾ غير ضروري الزام ۽ غير درست تنقيد جي اجازت ناهي. اسلام ۾ افواهن جي گنجائش ڪانهي، ڇو ته ان سان مسلمانن جي وچ ۾ نفرت فهلجي ٿي ۽ ان سان اعتماد جي خلاف ورزي ٿئي ٿي ۽ حوصلا متاثر ٿين ٿا.

طلوع نيوز جي مطابق، عالمن ۽ حڪومتي ملازمن کي زبان، ڪلام يا جسماني حرڪتن يا ڪنهن ٻئي نموني سان گهٽ وڌ ڳالهائڻ مناسب ناهي.

مقامي ٽيلي ويزن تجزيه ڪارن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته حڪومت کي لچڪدار هئڻ کپي ۽ تنقيدکي قبول ڪرڻ گهرجي.

هيءَ خبر اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن طالبان جي تحويل ۾ رهڻ واري آسٽريليا سان تعلق رکندڙ لين اوڊانيل وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته طالبان کيس ميڊيا تي معافي نامو شائع ڪرڻ تي مجبور ڪيو. اوڊانيل طالبان کان رهائي ملڻ تي افغانستان ڇڏي پاڪستان پهتي آهي.

طالبان جي وزير خارجه عبدالقهار بلخي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته آسٽريلوي صحافيءَ کي افغانستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي، ڇو ته، سندس بقول، هوءَ موجوده حڪومت جي خلاف مسلح مزاحمت جي کليءَ طرح حمايت ڪري ٿي. سندس الفاظ ۾، هوءَ خلاف ورزين متعلق به غلط رپورٽنگ ڪندي آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اوڊانيل افغانستان ۾ پنهنجي موجودگيءَ جي باري ۾ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو آهي. ليڪن عمل دارين کيس ان صورت ۾ ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻ جي پيش ڪش ڪئي هئي جيڪڏهن هوءَ پنهنجي ڪنهن به دعوي جي حق ۾ ثبوت فراهم ڪري سگهي.

بيان جي مطابق، آسٽريلوي صحافي لين اوڊانيل سوشل ميڊيا تي معافي وٺڻ جي پيش ڪش ڪئي هئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته طالبان انهن صحافين جو خيرمقدم ڪندا آهن جيڪي صحافت جي اصولن جي پاسداري ڪندا آهن.

وي او اي پشتو سان وابسته صحافي، وحيد فيضي ۽ صحافي لين اوڊانيل
وي او اي پشتو سان وابسته صحافي، وحيد فيضي ۽ صحافي لين اوڊانيل

وائس آف آمريڪا سان انٽرويو ۾ لين اوڊانيل هن ڳالهه کا انڪار ڪيو ته هوءَ غير قانوني طور تي افغانستان ۾ داخل ٿي هئي. هن چيو ته لنڊن ۾ افغان سفارت خاني کيس ويزا جاري ڪيو هو. سندس بقول، هن ڪابل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ميڊيا ويزا جي درخواست ڪئي هئي. مان ڪنهن به موقعي تي پنهنجي باري ۾ غلط بياني نه ڪئي آهي.

طالبان جي تحول ۾ رهڻ جو سبب ڇا هيو؟ ان سوال جي جواب ۾ اوڊانيل چيو ته هنن مون کي صحافيءَ جي طور تي تسليم نه ڪيو هو. هنن مون تي منهنجي انهن خبرن جي حوالي سان تنقيد ڪئي جيڪي مون پوئين سال موڪليون هيون. هنن چاهيو ته مان هڪ اعترافي قسم جي ٽوئيٽ ڪيان

جنهن ۾ مان اها ڳالهه به لکان ته مان افغانستان ۽ افغانستان جي صحافت جي باري ۾ نه ٿي ڄاڻان ۽ اهو ته مون سموريون ڪهاڻيون پاڻ ئي گهڙيون آهن.

اوڊانيل وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته افغان جنرل ڊائيريڪٽوريٽ آف انٽيلي جينس جا ايجنٽ منهنجي گيسٽ هائوس آيا ۽ مون کي هيڊڪوارٽر وٺي ويا جتي هنن مون کي چئن ڪلاڪن تائين تحويل ۾ رکيو. سندس بقول، هنن مون کي چيو ته هو مون کي جيل ۾ وجهي سگهن ٿا جيسيتائين مان اعترافي بيان سوشل ميڊيا تي جاري نه ٿي ڪريان. هي بيان هنن مون کان زبردستي لکرايو ۽ ٽوئيٽ ڪرايو.

هن وڌيڪ چيو ته طالبان جي نگرانيءَ ۾ نظام تمام گهڻو بهترناهي ٿيو ۽ مون کي محسوس ٿيو ته منهنجو ٽيلي فون به محفوظ ناهي ۽ ڪمپرومائز ٿي چڪو آهي.

XS
SM
MD
LG