رسائی کے لنکس

ڪابل: پرڏيهي وزارت جي ٻاهران خودڪش ڌماڪو، 20 ڄڻا هلاڪ


ڪابل
ڪابل

افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي دفتر جي ٻاهران هڪ خودڪش ڌماڪي ۾ 20 ڄڻا مري ويا آهن. ڌماڪو اهڙي وقت ٿيو جڏهن هڪ چيني وفد طالبان عمل دارن سان ملاقات جي لاءِ پرڏيهي وزارت پهچڻ وارو هو.

ڪابل پوليس جي ترجمان، خالد زادران ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اربع جي شام جو چئين بجي جي لڳ ڀڳ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ جاني نقصان ٿيو آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾هن چيو ته سيڪيورٽي ٽيمن وارڌات جي هنڌ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

طالبان حڪومت جي اطلاعات ۽ ثقافت جي نائب وزير، مهاجر فراحيءَ اي ايف پيءَ کي ٻڌايو آهي ته جنهن وقت ڌماڪو ٿيو لڳ ڀڳ انهيءَ ئي وقت هڪ چيني وفد به پرڏيهي وزارت پهچڻ وارو هو. ليڪن اهو واضح نه ٿيو آهي ته جڏهن ڌماڪو ٿيو ته چيني وفد عمارت ۾ موجود هو يا نه.

خيال رهي ته گزريل مهيني ڪابل جي هڪ هوٽل ۾ هٿياربند ماڻهن جي فائرنگ جي ڪري پنج چيني باشندا زخمي ٿيا هيا. ان هوٽل ۾ گهڻي ڀاڱي چيني شهري ئي رهائش اختيار ڪندا آهن.

شدت پسند تنظيم داعش ان حملي جي ذمي داري قبول ڪئي هئي، جڏهن ته ان کان اڳ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارت خاني تي فائرنگ جي واقعي جي ذمي داري به داعش قبول ڪئي هئي. پاڪستان هن ڪاروائيءَ کي پنهنجي سفارت خاني جي ناظم الامور تي حملو قرار ڏنو هو.

خبرن جي اداري اي ايف پيءَ جي مطابق، هڪ ڪمپنيءَ جي ڊرائيور جمشيد ڪريميءَ ٻڌايو ته هڪ بيگ ۽ رائيفل ڪنڌ تي لڙڪائي هڪ شخص سندس گاڏيءَ جي سامهون گزريو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو.

ايف ايف پيءَ جي مطابق، ’’هڪ وڊيو ۾ پرڏيهي وزارت جي وڏين ڀتين کان ٻاهر لاش ڪرندي ڏٺا ويا، جڏهن ته ڪجهه زخمي ماڻهو مدد جي لاءِ پڪاري رهيا هيا، جن کي راهگير پنهنجي طور تي مدد ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن’’.

ڌماڪي ۾ پرڏيهي وزارت جي عمارت کي ڪو نقصان پهچڻ جو اطلاع نه مليو آهي.

ڪابل ۾ دهشت گرديءَ جو هيءُ نئون واقعو اهڙي وقت ٿيو جڏهن تازي عرصي دوران طالبان حڪومت دعوا ڪئي هئي ته ملڪ ۾ امن و امان جي صورت حال هاڻي بهتر ٿي وئي آهي.

افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هاڻي تائين دهشت گرديءَ جي ڪيترن ئي درجن واقعن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا آهن جن ۾ افغانستان جي شيعا برادريءَ جي خلاف ڪاروائيون به شامل آهن. انهن ڪاروائين منجهان ڪيترن جي ذمي داري دولت اسلاميه (داعش) قبول ڪندي رهندي آهي.

(هن رپورٽ ۾ شامل مواد خبرن جي اداري، اي ايف پيءَ تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG