رسائی کے لنکس

سال 2022 دوران 67 صحافي مارجي ويا جن منجهان پنجن جو تعلق پاڪستان سان هو، رپورٽ


انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (آئي ايف جي)
انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (آئي ايف جي)

صحافين جي بين الاقوامي تنظيم جي پاران 9 ڊسمبر تي جاري ٿيڻ واريءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال پنهنجا پيشه ورانه فرض انجام ڏيندي، 67 صحافي هلاڪ ٿيا. اهو تعداد گزريل سال جي ڀيٽ ۾ 30 في صد وڌيڪ آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رپورٽنگ جي دوران پنهنجي جان وڃائڻ وارن انهن صحافين منجهان پنجن جو تعلق پاڪستان سان آهي، جنهن جو هڪ سبب ملڪ ۾ جاري سياسي بحران ۽ ڇڪتاڻ آهي.

عالمي گروپ، ’انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (آئي ايف جي)’ صحافين جي هلاڪتن ۾ ان غير معمولي واڌ جي سبب جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته يوڪرين ۾ جاري روس جي مسلط ڪيل جنگ، هيٽيءَ ۾ بي چيني ۽ افراتفري ۽ ميڪسيڪو ۾ ڏوهن ۾ ملوث گروهن جي وڌندڙ تشدد پوئين سال جي مقابلي ۾ 2022 ۾ ڪم جي دوران صحافين جي هلاڪتن ۾ آيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوئين سال تشدد ۽ ان سان منسلڪ مختلف واقعن ۾ دنيا ۾ 47 صحافي ۽ ميڊيا جا ميمبر ماريا ويا.

برسلز ۾ قائم صحافين جي تنظيم ٻڌايو آهي ته هلاڪتن کان سواءِ صحافين کي قيد و بند جون ڏکيائيون به آڏو آهن. هن وقت سموري دنيا ۾ قيد صحافين جو تعداد 375 آهي جيڪي پنهنجي رپورٽنگ جي ڪري قيد ڪيا ويا. چين، ميانمار ۽ ترڪي انهن ملڪن ۾ شامل آهن جتي سڀني کان وڌيڪ صحافين کي جيل ۾ وڌو ويو.

گزريل سال جي رپورٽ ۾ حراست ۾ ورتل صحافين جو انگ 365 ٻڌايو ويو هو.

هيءَ رپورٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن ڪينيا ۾ هلاڪ ٿيڻ واري پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي ماءُ چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي نالي هڪ درخواست ۾ مطالبو ڪيو آهي ته سندس پٽ جي قتل جي مقدمي ۾ پاڪستاني فوج جي ستن آفيسرن جا نالا به شامل ڪيا وڃن. وائس آف آمريڪا جي اردو سروس جي رپورٽ مطابق، 7 ڊسمبر تي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ازخود نوٽيس جي سماعت دوران مقتول جي ماءُ، رفعت آرا علوي به عدالت اچي مطالبو ڪيو ته سندس پٽ جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهري ۾ آندو وڃي.

اسلام آباد مان وائس آف آمريڪا جي رپورٽ مطابق، ’فيڪٽ فائنڊنگ’ ٽيم جي رپورٽ ۽ ارشد شريف جي والده جي طرفان الزامن کان پوءِ هاڻي تائين پاڪستاني فوج جي طرفان ان ڏس ۾ ڪو موقف سامهون نه آيو آهي.

ارشد شريف جي قتل کان پوءِ ’آئي ايس آئي’ جي ڊائريڪٽر جنرل، نديم انجم ۽ ڊي جي ’آئي ايس پي آر’، بابر افتخار 27 آڪٽوبر تي ٿيڻ واري اخباري ڪانفرنس ۾ ارشد شريف جي هلاڪت کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ٿيڻ واريءَ تنقيد کي بلا جواز قرار ڏنو هو.

رپورٽ ۾ الجزيره جي صحافي شيرين ابو عاقله جي لاءِ چيو ويو هو ته کيس ان وقت گولي لڳي جڏهن هوءَ فلسطيني پناه گزين ڪيمپ مان رپورٽنگ ڪري رهي هئي. عرب نيٽ ورڪ انهيءَ هفتي باضابطه طور تي بين الاقوامي فوجداري عدالت کان ان جي موت جي تحقيقات ڪرڻ تي زور ڀريو هو.

ميڊيا ڪارڪنن جي هلاڪتن ۾ واڌ جي اطلاع سان گڏ ’انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس’ حڪومتن ۽ صحافين ۽ آزاد صحافت جي تحفظ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

’آئي ايف جي’ جي جنرل سيڪريٽري، اينٿني بيلنگر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته صحافين جي موت جي ذمي دارن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ سان انهن ماڻهن جي حوصله افزائي ٿيندي جيڪي معلومات جي آزادانه وهڪري کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ عوام پاران پنهنجي رهنمائن جو احتساب ڪرڻ جي صلاحيت کي هيڻون ڪرڻ گهرن ٿا.

هنن اهو به چيو ته هن ڳالهه کي يقيني بنائڻ ضروري آهي ته طاقت ۽ اثر و رسوخ رکڻ وارا ماڻهو، اهڙن معاشرن جي رستي ۾ حائل نه ٿين جيڪي شموليت جي لحاظ کان جامع ۽ کلي دل جا اهڃاڻ رکندا هجن.

’آئي ايف جي’ مطابق، هن سال ڪنهن به ٻئي ملڪ جي مقابلي ۾ يوڪرين ۾ جنگ جي ڪوريج ڪندي ڪافي ميڊيا ڪارڪن مارجي ويا جن جو تعداد 12 آهي. يوڪرين جنگ جي ڪري فوت ٿيڻ وارا گهڻا صحافي يوڪريني هيا، ليڪن انهن ۾ ٻين قوميتن جا ماڻهو به شامل هيا جيئن ته آمريڪي دستاويزي فلم ساز، برينٽ رينائوڊ.

يوڪرين ۾ صحافين جون گهڻيون هلاڪتون جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ وارن هفتن دوران ٿيون جڏهن افراتفري ڦهلي ۽ صحافين کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون.

برسلز ۾ قائم صحافين جي هيءَ بين الاقوامي تنظيم 140 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ٽريڊ يونينز ۽ ايسو سي ايشنز جي ڇهه لک ميڊيا پروفيشنلز جي نمائندگي ڪندي آهي.

(هن رپورٽ جو ڪجهه حصو ايسو سي ايٽٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG