رسائی کے لنکس

سلمان رشديءَ جي حالت بهتر، وينٽي ليٽرهٽايو ويو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

نيويارڪ رياست ۾سلمان رشديءَ تي ٻه ڏينهن اڳ ٿيڻ واري جان جي خطري واري حملي کان پوءِ هاڻي سندس حالت بهتر ٿي رهي آهي ۽ هو ڳالهائي ٻولهائي رهيو آهي. جمعي جي ڏينهن نامور مصنف تي ان وقت حملو ٿيو جڏهن هو نيويارڪ رياست جي اولهندي علائقي ۾واقع هڪ شهر شاتاقوا انسٽي ٽيوٽ ۾ فن جي آزاديءَ جي موضوع تي تقرير ڪرڻ وارو هو.

شاتاقوا انسٽي ٽيوٽ جي صدر ڇنڇر ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته جراحيءَ کان پوءِ کيس وينٽي ليٽر تان هٽايو ويو آهي.

سلمان رشديءَ تي قاتلانه حملي جي شبهي ۾ گرفتار 24 سالن جي هادي مطر کي ڇنڇر ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي هن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو. مشتبه شخص جو تعلق نيو جرسيءَ جي رياست جي فيئرويو علائقي سان آهي. اڃان تائين ڏوهه جا محرڪات واضح نه ٿيا آهن.

هوڏانهن آمريڪي صدر جو بائيڊن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سلمان رشدي انسانيت جي باري ۾ گهري بصيرت جو مالڪ شخص آهي ۽ سندس ڪهاڻي لکڻ جو انداز بيمثال آهي. هو ڦٽڪن يا ڌمڪين کان مرعوب ٿيڻ کان بغير ڪڏهن خاموش نه رهيو آهي. هوهميشه بهادريءَ ۽ سچائيءَ سان آفاقي انساني قدرن تي قائم رهيو آهي. هو ڪنهن ڊڄ ۽ ڊاو کان بغير پنهنجي خيالن جي اظهار جي صلاحيت رکندو آهي، جيڪا صلاحيت ڪنهن به آزاد ۽ کلي معاشري جي لاءِ بنيادي ٿنڀ جي حيثيت رکندي آهي.

سلمان رشديءَجي ڪتاب سيتانڪ ورسز تي ايران ۾ 1988 ۾ پابندي عائد ڪئي وئي هئي. دنيا جي ڪيترن ئي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ مسلمانن به ان ڪتاب جي اشاعت تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ، آيت الله روح الله خمينيءَ رشديءَ جي قتل جي فتوي يا فرمان جاري ڪيو هو.

ان فتوا جي اعلان کان پوءِ رشديءَ نون سالن تائين اڪيلائيءَ جي زندگي گزاري، جنهن کان پوءِ هو ٿيندي ٿيندي معمول جي زندگيءَ ڏانهن واپس آيو.

سلمان رشديءَ تي هن حملي کان پوءِ شاتاقوا انسٽي ٽيوٽ ۾ سيڪيورٽي انتظامن جي باري ۾ سوال اٿاريا ويا آهن. ڇنڇر جي ڏينهن انتظاميا چيو آهي ته هو انسٽي ٽيوٽ ۾ داخل ٿيڻ جي حوالي سان سيڪيورٽي انتظامات کي سخت ڪري رهي آهي. واضح رهي ته جمعي ڏينهن حملي کان پوءِ نامور مصنف سلمان رشديءَ کي شديد زخمي حالت ۾ هيلي ڪاپٽر ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

رشديءَ جي ايجنٽ، اينڊريو وائيل خبررسان اداري، رائٽرز کي اي ميل ذريعي مطلع ڪيو هو ته سلمان رشديءَ جي هڪ اک ضائع ٿي سگهي ٿي ۽ ان حملي ۾ سندس ٻانهن جون اعصابي رڳون ڪٽجي ويون آهن ۽ چاقوءَ جي وار ڪري جگر کي نقصان پهتو آهي.

نيو يارڪ رياست جي پوليس جي ترجمان حملي کان پوءِ ميڊيا بريفنگ جي دوران ٻڌايو ته 73 ورهن جي سلمان رشديءَ تي قاتلانه حملي جي شبهي ۾ 24 سالن جي هادي مطر کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. مشتبه شخص جو تعلق نيو جرسي رياست جي فيئر ويو علائقي سان آهي.

ايسوسي ايٽڊ پريس مطابق، عيني شاهدن ٻڌايو آهي ته هڪ شخص ان وقت شاتاقوا انسٽي ٽيوٽ ۾اسٽيج تي چڙهي سلمان رشديءَ تي حملو ڪيو ۽ مڪون هنئيون يا هٿيار سان وار شروع ڪيا جڏهن کيس تقرير لاءَ دعوت ڏيڻ کان اڳ سندس تعارف ڪرايو پيو وڃي.

ان موقعي تي رشدي فرش تي ڪري پيو يا ان کي ڪيرايو ويو ۽ حملي ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو. عيني شاهدن مطابق، حمله آور 10 کان 15 ڀيرا وار ڪيو.

ٻئي پاسي، اخبار گارڊين به پوليس جي ذريعن جي حوالي سان دعوا ڪئي ته سلمان رشديءَ جي ڪنڌ تي ڇريءَ سان وار ڪيو ويو.

XS
SM
MD
LG