رسائی کے لنکس

مڊٽرم چونڊون: ريپبلڪنز ايوان نمائندگان جي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ويجهو


ايوان نمائندگان جي نون چونڊيل ميمبرن ’جو يو ايس ڪيپيٽل بلڊنگ’ جي آڏو ورتل گروپ فوٽو. 15 نومبر 2022.
ايوان نمائندگان جي نون چونڊيل ميمبرن ’جو يو ايس ڪيپيٽل بلڊنگ’ جي آڏو ورتل گروپ فوٽو. 15 نومبر 2022.

آمريڪي ريپبلڪن پارٽي اڱاري ڏينهن ايوان نمائندگان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي چڪي آهي، جڏهن ته ڪانگريس جو ايندڙ اجلاس جنوريءَ ۾ ٿيندو.

سومر جي رات وڌيڪ ڪاميابيءَ کان پوءِ ريپبلڪن پارٽيءَ جا ايوان نمائندگان ۾ 217 ميمبر کٽي چڪا آهن جڏهن ته هينئر تائين ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪامياب ميمبرن جو تعداد 204 ٿي ويو آهي. 435 جي ايوان ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جي اڪثريت جي لاءِ 218 سيٽون کٽڻ ضروري آهي.

انتخابي تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته اڃان 14 سيٽن جو فيصلو ٿيڻ باقي آهي، جنهن دوران ممڪنه طور تي ريپبلڪنز اڃان وڌيڪ سيٽون کڻي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ سندن پارٽي ڊيموڪريٽس کان ايوان نمائندگان جو ڪنٽرول پاڻ وٽ رکندي، جنهن ۾ هيليتائين ڊيموڪريٽس کي اڪثريت حاصل هئي.

سومر ڏينهن ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ صدر جو بائيڊن ايترو مڃيو ته ’’منهنجي خيال ۾ ايوان ۾ اسان فيصلي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. اسان ويجهو آهيون، ليڪن مان نه ٿو سمجهان ته اسان کٽي سگهندا سين’’.

وچ مدتي چونڊن کي ڇهه ڏينهن گزري چڪا آهن. سومر جي رات ووٽن جي ڳڻپ دوران ري پبلڪنز نيو يارڪ جي اوڀر واري رياست ۽ ايريزونا ۽ ڪيلي فورنيا جي اولهندي رياست مان سيٽون کٽيون. ڪيلي فورنيا جي وڌيڪ سيٽن تي فيصلو اڃان ٿيڻو آهي، جيڪا آباديءَ جي لحاظ کان ملڪ جي تمام وڏي رياست آهي، ۽ ٻين رياستن منجهان نتيجا اڃان اچڻا آهن.

ڪانگريس جي هيٺئين ايوان ۾ ريپبلڪنز جي اڪثريت جو نتيجو دوا جي ڪوڙي گوليءَ وانگر آهي، ڇو ته کين تمام گهٽ اڪثريت ملندي جڏهن ته ووٽن کان اڳ سندن پارٽي جي اڳ ڪٿي اها هئي ته کيس وڏي اڪثريت ملڻ واري آهي. ان جي ڪري سخت مقابلي واري اهم قانون سازيءَ جي معاملي تي کين لاءِ پنهنجي پارٽيءَ کي متحد رکڻ ڏکيو مرحلو هوندو، جنهن کي سينيٽ ۾ مخالفت ملندي جتي ڊيموڪريٽس کي ٿورڙي انگ واري اڪثريت ملي چڪي آهي.

ان جي باوجود، ايوان نمائندگان ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جي اڪثريت بائيڊن انتظاميا جي پاران گزريل ٻن سالن دوران ڪنهن غلط فيصلي جي پڇا ڳاڇا ڪري سگهندي، جيئن ته گزريل سال افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسيءَ دوران مبينه بدنظميءَ جو معاملو ۽ ميڪسيڪو سان آمريڪي سرحد تي هزارين تارڪين وطن جي آمريڪا ۾ ڀرمار جي سوال تي سوال اٿارڻ.

ان سان گڏوگڏ ايوان نمائندگان ۾ ريپبلڪن اڪثريت جي ڪري سندن قيادت اهم سرڪاري اخراجات جي منظوري، موسمياتي تبديليءَ جون پاليسيون، روس جي خلاف يوڪرين جي پاران جاري لڙائيءَ ۾ ملندڙ امداد ۽ ٻين اهم معاملن تي سينيٽ ۽ وائيٽ هائوس سان مذاڪرات جي ڏي وٺ ڪري سگهندا.

ڊيموڪريٽس گزريل هفتي سينيٽ تي معمولي اڪثريت حاصل ڪئي، جڏهن هنن 100 جي ايوان ۾ 50 سيٽون حاصل ڪري ورتيون، ڪنهن متنازع معاملي تي ’ٽائي’ جي صورت ۾، چيمبر جي پريزائڊنگ عهديدار نائب صدر ڪاملا هيرس پنهنجو فيصله ڪن ووٽ ڏئي سگهندي.

XS
SM
MD
LG