رسائی کے لنکس

آمريڪا سان بهتر تعلقات، پي ٽي آئي پاران لابيئنگ فرم هائر ڪرڻ جي موضوع تي بحث


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي پاران آمريڪا سان تعلقات بهتر بنائڻ لاءِ لابيئنگ فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو معاملو پاڪستان جي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي. ليڪن تحريڪ انصاف جي رهنما، فواد چوهدريءَ جو چوڻ آهي ته اها لابيئنگ فرم نه بلڪه آمريڪا ۾ پارٽيءَ جو نقطه نظر اجاگر ڪرڻ لاءِ ميڊيا رليشنز فرم آهي.

سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ واري هڪ دستاويز مطابق، تحريڪ انصاف آمريڪي فرم، فينٽن آرلوڪ کي آئنده ڇهن مهينن تائين ماهانه 25000 ڊالر ادا ڪندي جنهن جي عوض ڪمپني پارٽيءَ کي آمريڪا ۾ پي آر سروسز فراهم ڪندي. عاصم علي رانا جي رپورٽ.

معاهدي مطابق ڪمپني آرٽيڪلز ڇپرائڻ ۽ پي ٽي آئي جي نمائندن ۽ سندس جماعت جي حمايت ڪرڻ وارن جي ٽي وي انٽرويوز جو اهتمام ڪندي.

فواد چوڌريءَ جي وضاحت جي باوجود هن معاملي تي حڪمران جماعت جي رهنما پاڪستان تحريڪ انصاف تي سخت تنقيد ڪئي آهي. خيال رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين، عمران خان پنهنجي خلاف ايندڙ تحريڪ عدم اعتماد کي آمريڪي سازش قرار ڏيندي، گزريل ڪجهه مهينن کان آمريڪا جي باري ۾ سخت موقف اختيار ڪيو آهي.

اهو ئي سبب آهي ته ان دستاويز جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪرڻ وارا اهو الزام لڳائي رهيا آهن ته عمران خان هڪ دفعو ٻيهر يو ٽرن وٺندي آمريڪا سان تعلقات بهتر ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني آهي.

منصوبه بنديءَ جي وفاقي وزير، احسن اقبال ان حوالي سان پنهنجيءَ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪا جي خلاف سازش جي تهيوري گهڙي ملڪ ۾ هيجان پيدا ڪرڻ وارو عمران خان هاڻي آمريڪا کان معافي گهري رهيو آهي. پهريان هن پنهنجو خصوصي ايلچي موڪليو ۽ هاڻي لابيئنگ فرم جي ذريعي معاملات بهتر ڪرڻ گهري ٿو.

معاهدوآهي ڇا؟

معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته هي معاهدو پي ٽي آئي آمريڪا ۽ فينٽن آرلوڪ جي وچ ۾ آهي ۽ ان ۾ پي ٽي آئي پاڪستان شامل ناهي. اهو معاهدو پهرين آگسٽ 2022 کان 31 جنوري 2023 تائين نافذ العمل هوندو.

ٻنهين ڌرين وچ ۾ طئي ٿيڻ واري هن معاهدي مطابق، پي ٽي آئي آمريڪي فرم کي سفر ۽ ٻئي خرچ لاءِ ان کان الڳ ادائگي ڪندي. ان کان علاوه جيڪڏهن سفر آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيو ته بزنيس ڪلاس جون سفري ٽڪيٽون پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرفان فراهم ڪيون وينديون.

معاهدي جي مطابق، فينٽن پي ٽي آئي جي نمائندي طور تي ڪو به اهم معاهدو پي ٽي آئي جي تحريري اجازت کان سواءِ نه ڪندي. انتظامي خرچ جي طور تي پي ٽي آئي هڪ دفعو پنج هزار ڊالر به فراهم ڪندي. 750 ڊالرن کان وڌيڪ بل جي ادائگيءَ جي لاءِ پي ٽي آئي ايڊوانس جي اجازت ڏيندي.

ان معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آئي آمريڪا سمورين ادائگين جي ذمه دار هوندي جڏهن ته پي ٽي آئي پاڪستان ڪنهن به ادائگيءَ جي ذمه دار نه هوندي.

ان کان اڳ به پي ٽي آئي حڪومت گزريل سال جون ۾ اها ئي فرم هائر ڪئي هئي ۽ ان وقت چيو ويو هو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ ان فرم جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.

فينٽن آرلوڪ گزريل سال مارچ ۾ آمريڪا ۾ رجسٽرڊ ڪئي وئي هئي جنهن جي مالڪن ۾ ڊيوڊ فينٽن ۽ ايرا آر لوڪ شامل آهن.

پهرين آگسٽ ۾ ٿيڻ واري هن معاهدي تي ڊيوڊ فينٽن ۽ پي ٽي آئي جي پاران آمريڪا جي سندس عهديدار، سلمان روالا صحي ڪئي آهي.

اها خبر اهڙي وقت سامهون اچي رهي آهي جنهن کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ خانگي نيوز چينل، سما پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سفير، ڊونلڊ بلوم پنهنجي پشاور جي دوري دوران خيبر پختون خوا جي وڏي وزير سان ملاقات کان پوءِ سائيڊ روم ۾ عمران خان سان به ٽيلي فون تي ڳالهه ڪئي. البته تحريڪ انصاف جي رهنما اسد عمر ان خبر جي ترديد ڪئي هئي.

XS
SM
MD
LG