رسائی کے لنکس

پاڪستان ۾ سياسي تشدد ۽ حادثن جي تاريخ


لياقت علي خان، ضيا الحق ۽ بينظير ڀٽو
لياقت علي خان، ضيا الحق ۽ بينظير ڀٽو

پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حڪومت جي خلاف لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي کي سندس جماعت، تحريڪ انصاف قاتلانه حملو قرار ڏئي رهي آهي.

عمران خان وزير اعظم شهباز شريف، وزير داخله رانا ثنا الله ۽ ملڪ جي طاقت ور تصور ٿيڻ واري خفيه اداري، آئي ايس آئي ۾ ڪائونٽر انٽيلي جينس جي سربراه ميجر جنرل فيصل نصير کي ان واقعي جو ذمي دار قرار ڏنو آهي.

حڪومت انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جو رهنما فائرنگ جي واقعي کي سازش قرار ڏئي رهيو آهي.

ان ڪيس جي متعلق مبينه ڏوهيءَ جي اعترافي بيان ۽ ابتدائي تفتيش کان پوءِ هيليتائين اهڙا حقائق سامهون نه آيا آهن جن جي بنياد تي ان کي ڪو سوچيل سمجهيل منصوبو يا سازش چئي سگهجي.

ليڪن پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهم سياسي رهنمائن جي قتل ۽ سياسي تشدد جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. سياسي تشدد جو نشانو بنجڻ وارن ۾ اڳوڻا وزير اعظم، گورنر ۽ ڪيترائي سياسي رهنما اچي وڃن ٿا.

بينظير ڀٽو جو قتل

ٻه ڀيرا وزير اعظم رهڻ واري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سربراه، بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007 تي قتل ڪيو ويو. هوءَ پنهنجي قتل کان ڪجهه ئي مهينا اڳ جلا وطنيءَ کان پوءِ وطن واپس آئي هئي. ان تي پهريون حملو واپسيءَ جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ نڪرڻ واري آڌرڀاءَ واريءَ ريليءَ ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هيا.

ڪراچيءَ ۾ ٿيڻ واري ان حملي ۾ بينظيرمحفوظ رهي هئي، ليڪن ساڳئي ئي سال 27 ڊسمبر تي راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ جلسي کي خطاب کان پوءِ ٿيڻ واري فائرنگ ۽ خودڪش ڌماڪي ۾ هن جي جان هلي وئي هئي.

انهيءَ ئي ڏينهن نواز شريف جي اسلام آباد ايڪسپريس وي تي ٿيڻ واري انتخابي ريليءَ ۾ فائرنگ جي ڪري چار ماڻهو مارجي ويا هيا.

بينظيرجي هلاڪت ان وقت ٿي جڏهن هوءَ عام چونڊن جي لاءِ مهم هلائي رهي هئي. ان وقت جنرل پرويز مشرف ملڪ جو صدر هو.

صدر مشرف جي دور ۾ بينظيرتي ٿيڻ وارن حملن کان علاوه وڪيلن جي تحريڪ جي دوران ٻارهين مئي 2007 ۾ ڪراچيءَ ۾ معزول چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي استقبال جي لاءَ نڪتل ريلين ۾ به هٿياربند ماڻهن جي تصادم ۾ ڪيترا ئي ماڻهو هلاڪ ۽ زخمي ٿيا هيا.

مرتضي ڀٽي جي هلاڪت

ويهين سيپٽمبر 1996 ۾ بينظيرجي ڀاءُ مرتضي ڀٽو به پوليس مقابلي ۾ پنهنجي ڇهن ساٿين سميت مارجي ويو هو، ان وقت ملڪ ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت هئي.

مرتضي ڀٽو پنهنجي والد ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ کان پوءِ پاڪستان کان ٻاهر هليو ويو هو جتي هن پنهنجي ڀاءُ شاهنواز ڀٽي سان ملي ’الذوالفقار’ نالي جي تنظيم ٺاهي هئي.

اها تنظيم هوائي جهاز اغوا ڪرڻ ۽ سياسي مخالفن جي مبينه قتل جهڙن واقعن ۾ ملوث رهي. مرتضي ڀٽي پاڪستان واپس اچڻ کان پوءِ مختلف مقدمن کي منهن ڏنو.

هن سياسي اختلافن جي بنياد تي پنهنجيءَ ڀيڻ بينظيرڀٽو کان پنهنجون راهون جدا ڪري الڳ سياسي جماعت ٺاهي هئي.

سنه 1996 ۾ پوليس مقابلي ۾ مرتضي ڀٽي جي هلاڪت جي باري ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جواب سامهون نه اچي سگهيا هيا. انهن کان اڳ سندس ڀاءُ شاهنواز ڀٽي جو موت به پراسرار حالتن ۾ ٿيو. هو 18 جولاءِ 1985 تي فرانس ۾ پهنهجي فليٽ ۾ مرده حالت ۾ مليو هو.

صدر ضياالحق جي جهاز کي حادثو

پاڪستان جي فوجي حڪمران صدر جنرل ضيا الحق جي سي 130 طياري کي 17 آگسٽ 1988 تي پراسرار حادثو پيش آيو. ان حادثي ۾ هن سان گڏ پاڪستان فوج جو جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جو سربراه جنرل اختر عبدالرحمان، فوجي آفيسر ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير آرنلڊ رافيل سميت ڪيترا ئي فوجي اهل ڪار به هلاڪ ٿيا.

جنرل ضيا الحق جي قتل جي باري ۾ ڪيترا ئي سازشي نظريا گردش ڪندا رهيا. انهن منجهان هڪ اهو هو ته ان جي طياري کي حادثو ان ڌماڪه خيز زهريلي مواد جي ڪري پيش آيو جيڪو امبن جي پيٽين ۾ لڪائي جهاز ۾ رکيو ويو هو. ليڪن ان حادثي ۽ ان ۾ ملڪ جي طاقت ور ترين تصور ٿيڻ واري حڪمران جو موت اڄ تائين هڪ معمو آهي.

جنرل ضياالحق 1979 ۾ ان وقت جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي منتخت حڪومت جو تختو الٽي اقتدار تي قبضو ڪيو هو جنهن کان پوءِ هو پنهنجي موت تائين اقتدار ۾ رهيو.

ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني ذوالفقار علي ڀٽي 1970 ۾ انتخابات ۾ ان وقت جي اولهه پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. سنه 1971 ۾ ملڪ جا ٻه ٽڪرا ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان جي وزير اعظم ان وقت جي فوجي صدر يحيي خان کي اقتدار تان هٽائي پهريون صدر ۽ بعد ۾ وزير اعظم ٺهيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ سندس شمار مقبول ترين عوامي رهنمائن ۾ ٿيندو آهي.

ذوالفقار علي ڀٽي 1976 ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون جنهن ۾ هن ڪاميابي ته حاصل ڪئي پر مخالف جماعتن ڌانڌليءَ جو الزام لڳائي نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪيو.

اپوزيشن جماعتن جي پاڪستان قومي اتحاد ڀٽي جي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي. ان تحريڪ جي دوران ذوالفقار علي ڀٽي تي اپوزيشن خلاف انتقامي ڪاروائين جا الزام لڳايا ويا. حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ مذاڪرات جو آغاز ٿيو ۽ اها ڳالهه ٻولهه نتيجه خيز ٿيڻ کان اڳ آرمي چيف جنرل ضيا الحق مارشل لا نافذ ڪئي.

مارشل لا لڳڻ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي تي قتل جو مقدمو هلايو ويو ۽ 1979 ۾ متنازع عدالتي ڪاروائي کان پوءِ کيس ڦاسي ڏني وئي. اگرچه ذوالفقار علي ڀٽي کي عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ ڦاسي ڏني وئي، ليڪن ان کي پاڪستاني تاريخ ۾ سياسي ۽ عدالتي قتل قرار ڏنو ويندو آهي.

پهرئين وزير اعظم جو قتل

پاڪستان جي پهرئين وزير اعظم لياقت علي خان کي 16 آڪٽوبر 1951 ۾ راولپنڊي ۾ سيد اڪبر نالي جي حمله آور گولي هڻي قتل ڪيو هو. قتل کان پوءِ حمله آور کي به ماريو ويو هو.

پاڪستان جي ابتدائي سياسي تاريخ ۾ جاري محلاتي سازشن جي ڪري لياقت علي خان جي قتل کي سياسي محرڪات جو نتيجو قرار ڏنو ويندو آهي. ڪيترا ئي ڏهاڪا گزرڻ کان پوءِ به ان قتل جي تحقيقات جي رپورٽ منظر عام تي نه اچي سگهي آهي.

لياقت علي خان ملڪ جو پهريون وزير اعظم هيو ۽ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جو قريبي ساٿي هيو. مورخين جي مطابق، سندس قتل کان پوءِ پاڪستان جي سياست ۾ فوجي ۽ سول ڪامورا شاهيءَ جو عمل دخل وڌيو ۽ آخر ڪار 1958 ۾ پاڪستان ٺهڻ جي ڇڙو يارهن سالن اندر ملڪ ۾ پهريون مارشل لا لڳايو ويو.

هي مارشل لا ان وقت جي صدر اسڪندر مرزا نافذ ڪيو هو، ليڪن آئين معطل هئڻ ڪري هو بي اختيار ٿي چڪو هو ۽ فوج جي سربراه جنرل ايوب خان اقتدار کي پنهنجي هٿ ۾ ورتو.

ان کان علاوه تازي سياسي تاريخ ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر، سلمان تاثير، جنهن جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هيو، ۽ پيپلز پارٽي سان تعلق رکڻ واري اقليتي معاملن جي وزير شهباز ڀٽي، عوامي نيشنل پارٽيءَ جي بشير احمد بلور ۽ سندس پٽ هارون بلور، پنجاب جي وزير داخله شجاع خانزاده، مولانا سميع الحق ۽ ڪيترا ئي ٻيا رهنما قتل ٿي چڪا آهن.

(هن ۾ شامل مواد خبرن جي اداري رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG