رسائی کے لنکس

آئي ايم ايف مشن مذاڪرات: ‘اميد آهي پاڪستان شرط پورا ڪري وٺندو’


اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ آئي ايف ايف رويو مشن ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو پهريون دور. 31 جنوري 2023.
اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ آئي ايف ايف رويو مشن ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو پهريون دور. 31 جنوري 2023.

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) جي وچ ۾ قرض حاصل ڪرڻ جي لاءَ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو آهي. آئي ايم ايف مشن جي اڳواڻ چيو آهي ته پاڪستان نائين اقتصادي جائزي جي لاءِ گهربل شرط ۽ ضرورتون پوريون ڪري وٺندو.

مشن جي چيف، نٿن پورٽر سان گڏ ناڻي جي وزير اسحاق ڊار جي اڳواڻيءَ ۾ معاشي ٽيم سان ڳالهيون ڪيون ۽ پاڪستان جي معاشي صورت حال ۽ تجويز ڪيل اصلاحن متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ناڻي جي وزير اسحاق ڊار جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي مذاڪراتي وفد سان ملاقات ۾ نٿن پورٽر چيو ته آئي ايم ايف ۽ پاڪستان مالياتي اصلاحات تي ملي ڪم ڪن.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ اصلاح جي پنهنجي پيش رفت جاري رکندو ۽ آئي ايم ايف پروگرام کي موثر طريقي سان وقت سر پورو ڪندو.

پاڪستان جي ناڻي واري وزير پاران جاري ڪيل هڪ بيان مطابق آئي ايم ايف جي وفد ۽ پاڪستاني عمل دارن وچ ۾ ٿيڻ واري هن ملاقات ۾ نوين اقتصادي جائزي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي اقتصادي پاليسين ۽ اصلاح جي ايجنڊا تي ڳالهه ٿي. آئي ايم ايف جو وفد سومر ڏينهن اسلام آباد پهتو هو.

ناڻي جي وزارت جي عهديدارن اڱاري کان شروع ٿيندڙ آئي ايم ايف وفد سان ست ارب ڊالر جي قرض جي پروگرام جي نوين اقتصادي جائزي تي ڳالهه ٻولهه نائين فيبروريءَ تائين جاري رهندي.

اڱاري ڏينهن ٿيڻ واري هن ملاقات ۾ اسحاق ڊار آئي ايم ايف وفد کي پاڪستاني حڪومت جي پاران کنئيل اصلاح جي قدمن تي بريفنگ ڏني.

ناڻي واري وزير آئي ايم ايف کي هر قسم جي سهڪار جي پڪ ڏياري ۽ نوين اقتصادي جائزي کي مڪمل ڪرڻ ۽ معاهدي کي پڄاڻيءَ تي پهچڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.

خيال رهي ته پاڪستان ۽ آئي ايم ايف جي وچ ۾ مذاڪرات ڊگهي تعطل کان پوءِ بحال ٿيا آهن ۽ معاشي ڏکيائي جو شڪار پاڪستان ستت ئي آئي ايم ايف پروگرام جي بحالي چاهي ٿو.

اميد آهي ته قرض بحال ڪرڻ جو معاهدو طئي ٿي ويندو

ناڻي جي اڳوڻي وزير سلمان شاه چيو آهي ته آئي ايم ايف جي وفد جو هيءُ دورو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ اميد آهي ته حڪومت پاران کنئيل تازن قدمن جي نتيجي ۾ قرض بحال ٿيڻ جو معاهدو ٿي ويندو.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته ’اسٽاف ليول ايگريمنٽ’ جي اعلان جي خبر مالياتي مارڪيٽ ۾ اچڻ ساڻ ڏيوالي نڪرڻ جي پريشاني ختم ٿي ويندي ۽ مارڪيٽ ۾ ڪجهه استحڪام ايندو.

پاڪستان ۽ آئي ايف ايم جي وچ ۾ جاري اها ڳالهه ٻولهه ان ڪري اهم آهي جو ان ۾ ڪامياب ٿيڻ تي پاڪستان کي نه صرف هڪ ارب ڊالر جي قرض جي قسط ملندي، بلڪه دوست ملڪن ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن جي طرفان به وڌيڪ قرض ملڻ جي راه به هموار ٿي ويندي.

(علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG