رسائی کے لنکس

ايران جي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪرڻ واري ڪروز ميزائيل تيار ڪرڻ جي دعويٰ


(فائيل فوٽو)
(فائيل فوٽو)

ايران جي پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر چيو آهي ته ايران 1650 ڪلوميٽرن تائين مار ڪرڻ وارو ڪروز ميزائيل تيار ڪري ورتو آهي.

خبرن جي اداري رائيٽرز مطابق، پاسداران انقلاب ۽ ايئرو اسپيس فورس جي سربراه امير علي حاجي زادي ايران جي سرڪاري ٽيليويزن کي ٻڌايو آهي ته ’’اسان ايران جي اسلامي جمهوريه جي ميزائيل هٿيارن ۾ 1650 ڪلوميٽر تائين مار ڪرڻ وارو ڪروز ميزائيل شامل ڪري ورتو آهي’’.

حاجي زادي چيو آهي ته بغداد ۾ 2020۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ ايراني فوجي ڪمانڊر قاسم سليمانيءَ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جڏهن عراق ۾ آمريڪي اڳواڻيءَ ۾ فوج تي بيلسٽڪ ميزائيل حملو ٿيو ته ان وقت ايران ’’غريب فوجين’’ کي مارڻ نه پيو گهري.

سندس بقول، ’’اسان ٽرمپ کي مارڻ چاهيو ٿي. (اڳوڻي پرڏيهي وزير مائيڪ) پومپيو ۽ (سليمانيءَ کي قتل ڪرڻ) جو حڪم ڏيڻ واري فوجي ڪمانڊرن کي ماري ڇڏڻ کپي’’.

ايراني اڳواڻن جي پاران اڪثر قاسم سليمانيءَ جو بدلو وٺڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ويندو آهي.

ايران آمريڪا مخالف ۽ يورپي ملڪن جي طرفان تشويش جي باوجود پنهنجي ميزائيل پروگرام خاص طور تي پنهنجي بيلسٽڪ ميزائيلن جي سگهه ۾ واڌ آندي آهي. ايران جو چوڻ آهي ته اهو پروگرام خالصتا دفاعي ۽ ڊيٽرينٽ نوعيت جو آهي.

ايران چيو آهي ته يوڪرين ۾ جنگ جي آغاز کان اڳ ماسڪو کي ڊرون فراهم ڪيا ويا هيا. روس اهي ڊرون پاور اسٽيشنن ۽ سويلين انفرا اسٽرڪچر کي هدف بنائڻ جي لاءِ استعمال ڪيا آهن.

واضح رهي ته نومبر ۾ بچاءَ واري آمريڪي محڪمي، پينٽاگان چيو هو ته آمريڪا کي انهن رپورٽن تي شڪ ۽ شبها آهن جن ۾حاجي زادي چيو آهي ته ايران هائيپر سانڪ بيلسٽڪ ميزائيل تيار ڪيا آهن.

(هن خبر جي لاءِ معلومات خبرن جي اداري رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG