پاڪستان ۾ سعودي عرب جي اڳوڻي سفير ڊاڪٽر علي بن عواض عسيريءَ جي اسلام آباد ۾ سيمينار دوران انتها پسنديءَ ۽ دهشت گرديءَ متعلق بيان هڪ دفعو ٻيهر اهو بحث ڇيڙيو آهي ته پاڪستان تي ان جا ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا.
ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي ناتن تي ’پاليسي رسرچ انسٽي ٽيوٽ’، اسلام آباد ۾ ٿيڻ واري سيمينار کي خطاب ڪندي سعودي عرب جي اڳوڻي سفير چيو هو ته مسلمانن کي هيءَ ڳالهه تسليم ڪرڻ کپي ته انتها پسندن ۽ دهشت گردن اسلام جي نالي کي استعمال ڪري ان جي سڃاڻپ بگاڙي ڇڏي آهي.
سعودي سفير ان سوال جي جواب ۾ اها ڳالهه چئي هئي، جنهن ۾ کيس کان پڇيو ويو هو ته سعودي عرب ۾ جاري ثقافتي ۽ مذهبي اصلاحات جو پاڪستان تي ڇا اثر پئجي سگهي ٿو.
خيال رهي ته سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان ’وزن 2030’ جي نالي سان اصلاحات شروع ڪيون آهن، جن جو مقصد سعودي عرب کي ترقيءَ ۽ جدت جي راه تي لڳائڻ آهي.
سعودي عرب عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت ڏيڻ ۽ عوامي هنڌن تي عبايا جي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سعودي عرب کي سياحت جي لاءِ پرڪشش بنائڻ ۽ جديد شهر وسائڻ جو منصوبو ’وزن 2030’ ۾ شامل آهي.
ڊاڪٽر علي بن عواض عسيريءَ چيو آهي ته سعودي عرب جا اڳواڻ هڪ عزم سان نه صرف ’وچ ٿري ’ هلت ڏانهن گامزن آهن، بلڪه عوام کي اسلام جي حقيقي تعبير کان آگاه ڪيو پيو وڃي.
روايتي طور تي سعودي معاشرو روايت پسند ۽ مذهبي رهيو آهي ۽ هڪ خاص مذهبي مڪتب فڪر جي سوچ جي غلبي جي ڪري سعودي معاّشرو وڏي عرصي تائين قدامت پرستيءَ جي راه تي هلندو رهيو آهي. پر 80 جي ڏهاکي ۾ شروع ٿيڻ واري افغان جهاد ۽ ’نائين اليون’ جي حملن کان پوءِ سعودي عرب کي به دهشت گردي ۽ انتها پسنديءَ جو چيلينج آڏو رهيو.
اڳوڻي سعودي سفير وڌيڪ چيو ته سعودي عرب جا موجوده اڳواڻ ’وچ ٿري’ هلت ڏانهن اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ هاڻي اسلام جي حقيقي پيغام جو اظهار مسجدن مان ٿيندڙ خطبن منجهان به نظر اچي رهيو آهي ۽ عورتن کي ٻاهر نڪرڻ جي آزادي آهي.
ماهرن مطابق، افغان جهاد ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جو نمايان ڪردار آهي ۽ جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ هي خيال ڪيو ويو ته پهريان وانگر هاڻي به غير رياستي عناصر انهن ملڪن جي ڪنٽرول ۾ رهندا، ليڪن ان جي برعڪس اهي عناصر ٻنهين ملڪن جي لاءِ ڏکيو چيلينج بڻجي ويا.
آمريڪا ۾ ’نائين اليون’ جي حملن کان پوءِ دهشت گردي ۽ انتها پسندي عالمي چيلينج بڻجي سامهون آيو جنهن سعودي عرب ۽ پاڪستان جي معاشري تي به سنگين اثر مرتب ڪيا.
ڇا سعودي عرب ۾ اچڻ واري اها تبديلي پاڪستان ۽ پاڪستاني معاشري تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، جتي جي آباديءَ جي اڪثريت مسلمانن تي مشتمل آهي ۽ جيڪا سعودي عرب سان جذباتي لاڳاپو رکي ٿي؟ هي اهو سوال آهي جنهن تي وائس آف آمريڪا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي رابطن تي
نظر رکڻ وارن مبصرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ڇا سعودي عرب ۾ اصلاحاتي پروگرام جو پاڪستان تي به اثر پوندو؟
مذهبي ۽ سماجي ناتن جي محقق خورشيد نديم سعودي عرب ۾ مذهبي، سماجي ۽ ثقافتي سطح تي ٿيڻ وارين تبديلين ۽ اصلاحات کي اهم قرار ڏنو آهي. ليڪن، سندس بقول، ٻنهين ملڪن جا ڪجهه چيلينج گڏيل هئڻ جي باجود انهن سان نبرڻ جو انداز مختلف آهي.
سندس لفظن ۾، پاڪستاني معاشري جي سماجي صورت حال سعودي عرب کان مختلف آهي.
خورشيد نديم چيو ته پاڪستان جو معاشرو تاريخي طور تي اعتدال پسند رهيو آهي ۽ ماضيءَ ۾ مذهب ۾ انتهاپسنديءَ جا رجحان موجود نه رهيا آهن. شدت پسنديءَ جو رجحان گزريل ڪجهه ڏهاڪن جي دوران سماج تي اثر وڌو آهي.
هن چيو ته سعودي عرب ۾ ارڙهين صديءَ ۾ مذهبي اڳواڻ محمد بن عبدالوهاب جي اسلامي تحريڪ اڀري مگر برصغير وارا ان کان گهڻو متاثر نه ٿيا.
ليڪن جڏهن 1979 ۾ هڪ عالمي ايجنڊا هيٺ اسلامي ملڪن جي غير رياستي عناصر افغان ’جهاد’ ۾ حصو وڌو ته ان پاڪستاني معاشري تي به گهڻو اثر مرتب ڪيو.
خورشيد نديم چيو ته انهيءَ دوران ايران ۾ اسلامي انقلاب به آيو. انهن ٻن وڏين تبديلين 10 سالن ۾ پاڪستاني معاشري کي بدلي ڇڏيو ۽ رياست جي سطح تي جهاد جي ’بيانئي’ جي ڪري پاڪستان ۾ ڪيترا مذهبي گروه وڌيڪ مضبوط ٿيا.
سندس بقول، انهيءَ ئي بنياد تي سعودي عرب پاڪستان جي ڪن مذهبي گروهن جي مدد ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
ٻئي پاسي، ان صورت حال ۽ خطي ۾ ڪن ملڪن جي پراڪسي جنگ جي ڪري ڪن مذهبي گروهن جي شدت پسنديءَ جي ڪري پاڪستان جي معاشري تي به انتها پسندي ۽ دهشت گرديءَ جي رجحان ۾ واڌ آئي.
’پاڪستان ۾ انتها پسنديءَ جو بتدريج ئي خاتمو ممڪن آهي’
سياسيات جي پروفيسر ڊاڪٽر حسن عسڪري رضويءَ چيو آهي ته پاڪستان ۾ رياست جي ڪن پاليسين جي ڪري ڪجهه مذهبي گروهن ۽ فردن کي طاقت ور ٿيڻ جو احساس ڏنو ويو آهي، تنهن جي بتدريج واپسي ته ممڪن آهي، ليڪن اهو عمل تڪڙو نه ٿو ٿي سگهي.
حسن عڪسريءَ چيو ته سعودي عرب ۾ ٿيڻ واريون تازيون سماجي ۽ مذهبي اصلاحون هونئن ته حوصلو وڌائيندڙ ڳالهه آهي، پر پاڪستان جا چيلينج مختلف آهن.
(جليل اختر جي رپورٽ)