رسائی کے لنکس

جنرل عاصم منير فوج جي ڪمان سنڀالي ورتي


جنرل قمر جاويد باجوه ۽ جنرل عاصم منير
جنرل قمر جاويد باجوه ۽ جنرل عاصم منير

پاڪستان فوج جي نئين سربراه جنرل عاصم منير فوج جي ڪمان سنڀالي ورتي آهي. اهو عهدو سنڀالڻ وارو هو سترهون آرمي چيف آهي.

جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ اڱاري ڏينهن فوج جي ڪمان جي تبديليءَ جي پروقار تقريب منعقد ٿي جنهن دوران چارج ڇڏڻ واري جنرل قمر جاويد باجوه ڪمانڊ جي ڇڙهي جنرل عاصم منير کي سونپي.

جنرل عاصم منير تقريب ۾ فور اسٽار جنرل جي شولڊر رينڪ ۽ ڪالر ميڊل لڳائي شريڪ ٿيو.

گمناميءَ ۾ هليو ويندس، جنرل باجوه

پاڪستان فوج جي رٽائير ٿيندڙ سربراه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته کيس فخر آهي ته هو ڪمان هڪ تمام قابل آفيسر جي حوالي ڪري رهيو آهي.

جي ايڇ ڪيو ۾ ڪمان جي تبديليءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته جنرل عاصم منير حافظ قرآن هئڻ سان گڏ هڪ بهترين آفيسر آهي، جنهن جي تقرري ملڪ جي لاءِ سٺي ثابت ٿيندي.

پنهنجي فوجي ڪيريئر جي حوالي سان هن چيو ته 44 سال اڳ هن فوج ۾ پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو هو جيڪو هاڻي ختم ٿي رهيو آهي. سندس بقول، ’’مان فوج جي نوڪريءَ کي اعزاز سمجهندو آهيان’’.

فوج جي خدمتن جي باري ۾ هن چيو ته فوج ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت ڪندي آهي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو بچاءُ ڪندي آهي.

پنهنجي مستقبل جي حوالي سان قمر جاويد باجوه چيو ته هو ترت گمناميءَ ۾ هليو ويندو، ليڪن فوج سان سندس روحاني رابطو هميشه رهندو.

ٽوئٽر تي’نجات جو ڏينهن’ هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو

اڱاري ڏينهن ٽوئٽر تي پاڪستان جو يوم نجات جو هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ آهي، جتي رٽائير ٿيڻ واري آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه متعلق تبصرا ڪيا پيا وڃن.

ڪن ٽوئٽر صارفين مٺائين جون تصويرون شيئر ڪري جنرل باجوه کي خدا حافظ چيو، جڏهن ته ڪي هن کي ملڪ جي موجوده سياسي بحران جو ذمي دار قرار ڏئي رهيا آهن.

عمران خان ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو؟

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسيمبلين تان استعيفا جي اعلان تي مبصر چون ٿا ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته ملڪ ۾ جاري سياسي بحران وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو.

اسيمبلين مان استعيفا تي صلاح لاءِ پي ٽي آئي مرڪزي قيادت جو اجلاس سومر ڏينهن زمان پارڪ لاهور ۾ گهرايو آهي جنهن ۾ پنجاب ۽ خيبرپخونخوا جي صوبن جون اسميبليون تحليل ڪرڻ متعلق مشاورت ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان صوبن تان مستعفي ٿيڻ جي تاريخ تي به غور ڪيو ويندو.

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ کان پوءِ گزريل ستن مهينن جي دوران پي ٽي آئي جي سياست جدوجهد جو جائزو ورتو وڃي ته ان ۾ ڪيتريون هيٺ مٿاهيون آيون. ان عرصي جي دوران پي ٽي آئي ڇا وڃايو ۽ ڇا سوڀ حاصل ڪئي؟ ان باري ۾ پي ٽي آئي رهنما ۽ مبصر مختلف رائي رکن ٿا.

پي ٽي آئي جي قومي اسمبليءَ جي ميمبر، مليڪه بخاريءَ جي خيال ۾ پي ٽي آئي ٻه جماعتي نظام ۾ ٽئين متبادل جماعت بڻجي سامهون آئي آهي.

XS
SM
MD
LG