رسائی کے لنکس

ڪابل ۾ڪرڪيٽ ميچ دوران ڌماڪو، ٻه فوت 13 زخمي


اڻٽيهين جولائي تي ڪابل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي سامهون طالبان جي لڙاڪا دستي جو هڪ فرد تحفظ فراهم ڪندي.
اڻٽيهين جولائي تي ڪابل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي سامهون طالبان جي لڙاڪا دستي جو هڪ فرد تحفظ فراهم ڪندي.

افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ، ڪابل ۾ جمعي ڏينهن ڪرڪيٽ ميچ هلندي دستي بم ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو فوت 13 زخمي ٿيا ، جڏهن ته فوتين جوتعداد وڌي سگهي ٿو.

حملي جي ذمه داري اڃان تائين ڪنهن تنظيم قبول نه ڪئي آهي. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته افغانستان ۾ گزريل هڪ سال ۾ دهشت گرديءَ جي ڪيترين ئي ڪاروائين ۾ شدت پسند تنظيم، داعش ملوث رهي آهي، تنهن جي ڪري هن واقعي جي پٺيان به ساڳي تنظيم ٿي سگهي ٿي.

خبررسان اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس (اي پي) مطابق، جمعي ڏينهن ڪابل جي بين الاقوامي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيڻ واري ڌماڪي ۾ ابتدائي طور تي 13 ماڻهوزخمي ٿيا، ان وقت جڏهن ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ سوين شائقين گرائونڊ جي گرد ڪٺا هيا.

ڌماڪي کان پوءِ اٽلي جي زير انتظام ڪابل جي امرجينسي اسپتال سوشل ميڊيا تي تصديق ڪئي آهي ته زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال آندو ويو، جڏهن ته ٻين زخمين کي ضروري طبي امداد کان پوءِ فارغ ڪيو ويو.

طالبان پاران نامزد ڪيل پوليس ترجمان، خالد زردان ڇنڇر ڏينهن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو هلاڪ ٿيا آهن. ليڪن اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته ٻئي ڄڻا ڌماڪي وقت ئي فوت ٿيا يا سندن موت تڏهن واقع ٿيو جڏهن انهن کي علاج لاءِ اسپتال آندو پئي ويو.

طالبان داعش جي خلاف ڪيتريون ئي ڪاروائيون ڪندا رهيا آهن. اطلاعن مطابق، ملڪ جي اوڀر واري صوبي، ننگرهار ۾ داعش جا مضبوط ٺڪاڻا موجود آهن.

جمعي ڏينهن ٿيڻ واري هن ڌماڪي جي ڪيترن ئي ماڻهن ڀرپور مذمت ڪئي آهي جن ۾ اقوام متحده جي افغانستان ۾ صلاح ڪار، رميز الاڪ بروو به شامل آهي، جيڪو ڌماڪي وقت گرائونڊ ۾ موجود هو ۽ محفوظ رهيو. رميز کي افغان ڪرڪيٽ ايسو سي ايشن کي خطاب به ڪرڻو هو.

(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG