رسائی کے لنکس

دنيا جي محض 15 في صد آباديءَ کي اظهار جي آزاديءَ جو حق حاصل آهي، رپورٽ


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

برطانيه ۾ قائم انساني حقوق جي عالمي تنظيم، آرٽيڪل 19سال 2022 جي لاءِ پنهنجي گلوبل ايڪسپريشن رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته سندس تحقيق مطابق دنيا جي 161 ملڪن ۾ اظهار جي آزاديءَ جي حقن جي لحاظ کان 15 في صد آبادي اهڙن ملڪن ۾ رهندي آهي جتي آزادانه طور تي معلومات حاصل ڪرڻ کان سواءِ ان کي شيئر ڪرڻ جي به آزادي حاصل ناهي.

ان فهرست ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي تنزليءَ جي درجي تي رهڻ کان پوءِ سندن شمار اهڙن ملڪن ۾ ڪيو پيو وڃي جتي پهرين ئي اظهار جي آزادي محدود هئي هاڻي اها انتهائي محدود ٿي چڪي آهي.

رپورٽ مطابق چين، روس ۽ ميانمار جهڙين آمرانه قومن کا علاوه ڀارت ۽ برازيل جهڙن جمهوري ملڪن سميت سموري دنيا جي 80 في صد آبادي ڏه سال اڳ جي ڀيٽ ۾ اڄ اظهار جي آزادي گهٽ درجي تي فائز آهن.

گلوبل ايڪسپريشن رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان حوالي سان آپيشاهيءَ واريون حڪومتون ۽ حڪمران پنهنجي سخت ڪنٽرول کي اڃان وڌائي رهيا آهن ته سندن عوام ڇا ڏسي، ٻڌي ۽ چئي رهيو آهي.

اهڙن حڪمرانن جو مثال ڏيندي رپورٽ ۾ برازيل جي صدر زائير بولسونارو، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ روسي صدر ولاديمير پوٽن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ليڪن چين جي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته حڪومت لکين ماڻهن جي سڃاڻپ ، معلومات ۽ رائي تي مڪمل اختيار حاصل ڪري ورتو آهي.

رپورٽ ۾ اظهار جي آزاديءَ جي 25 مختلف پيمانن جي پرک ڪندي گهٽ ۾ گهٽ ٻڙي ۽ سڀ کان وڌيڪ 100 جي اسڪور ڏنو ويو آهي. 80 کان 100 تائين جي اسڪور جو مطلب هي آهي ته ان ملڪ ۾ اظهار جي آزاديءَ جو حق موجود آهي، جڏهن ته سڀ کان گهٽ يعني ٻڙيءَ کان 19 تائين جو اسڪور ظاهر ڪري ٿو ته ان ملڪ ۾ آزادي اظهار جي حوالي سان بحراني ڪيفيت جاري آهي.

ملڪن جي درجه بنديءَ ۾ هن سال ڊينمارڪ ۽ سوٽزرلينڊ مشترڪه طور تي سڀني کان وڌيڪ اسڪور سان فهرست جي چوٽيءَ تي آهن. ناروي ۽ سويڊن 94 جي اسڪور سان ٻئي نمبر تي، جڏهن ته ايسٽونيا ۽ فن لينڊ 93 جي اسڪور سان ٽئين نمبر تي آهن. رپورٽ جي مطابق اظهار جي آزاديءَ جي بهترين صورت حال جي لحاظ کان يورپي ملڪ ڏهين نمبر تي آهن.

اظهار جي آزاديءَ جي لحاظ کان بدترين رينڪنگ وارن ملڪن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اتر ڪوريا کي ٻڙي جي اسڪور سان دنيا جو سڀ کان جابر ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. شام، اريٽيريا ۽ ترڪمانستان جو اسڪور هڪ آهي جڏهن ته چين، ڪيوبا ۽ بيلاروس کي ٻن جو درجو ڏنو ويو آهي.

هن اسڪيل تي آمريڪا 30 نمبر تي آهي، جڏهن ته 2011 ۾امريڪا سمورن ملڪن جي فهرست ۾ نوين درجي تي هو. نون پوائنٽ گهٽ ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا اظهار جي آزاديءَ جي لاءِ بهترين ملڪن جي ڪيٽگريءَ منجهان تنزليءَ جو شڪار ٿيو آهي. هن رپورٽ لاءِ جن 25 پيمانن تي مختلف ملڪن کي جانچيو ويو آهي انهن ۾ شهري آزادين ۾ مساوات جي ڪيٽگريءَ ۾ گزريل سال امريڪا سڀني کان هيٺئين درجي تي نظر آيو.

آرٽيڪل 19 جي 2022 جي گلوبل ايڪسپريشن رپورٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کي انتهائي محدود آزادي اظهار جي ڪيٽگريءَ ۾ رکيو ويو آهي. رپورٽ جي مطابق، سال 2021 جي دوران جن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ مظاهرا ٿيا تن ۾ پاڪستان، ڀارت، آمريڪا، فرانس ۽ اٽلي شامل آهن. سال 2011 جي رپورٽ ۾ پاڪستان محدود آزادي اظهار جي ڪيٽگريءَ منجهان انتهائي محدود درجي تي پهچي ويو، جڏهن ته ڀارت گهٽ محدود کان انتهائي محدود اظهار جي آزاديءَ جو رخ اختيار ڪيو. اهڙيءَ طرح سان 10 سالن دوران پاڪستان جي اسڪور ۾ 18 ۽ ڀارت جي اسڪور ۾ 37 پوائنٽن جي ڪمي آئي.

رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته گزريل ٻن ڏهاڪن دوران سڄي دنيا ۾ اظهار جي آزاديءَ جي صورت حال ابتر ٿي آهي. ان جو هڪ سبب اقتدار تي قبضو ۽ بغاوتون آهي، ليڪن ڪيترن ئي ملڪن ۾عوام پنهنجي حقن جي پامالي اڪثر جمهوري طور تي چونڊيل، مقبول عوامي ليڊرن جي دور ۾ ڏٺي وئي آهي.

XS
SM
MD
LG