رسائی کے لنکس

جرنلسٽ آف دي يئر ايوارڊ افغان ساٿين جي نالي، ’هيءُ ايوارڊ رڳو منهنجو ڪونهي’


افغان صحافي، لطف الله نجفي زاده
افغان صحافي، لطف الله نجفي زاده

مانچيسٽر، انگلينڊ ۾افغان صحافي، لطف الله نجفي زاده کي هن سال جي ’ون ينگ ورلڊ’ اجلاس ۾ صحافت جي شعبي ۾ ’’غير معمولي خدمتون’’ انجام ڏيڻ تي ’جرنلسٽ آف دي يئر’ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

دنيا جي صرف پنجن با اثر صحافين کي سندن ڪاوشن تي اهو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

وائس آف آمريڪا جي نامه نگار، نيلوفر مغل سان ڳالهائيندي، لطف الله چيو ته ’’مان هيءُ ايوارڊ انهن سمورن افغان صحافين جي نالي وقف ڪيو آهي جيڪي ان جا اصل مستحق آهن. مان سمجهان ٿو ته مان گزريل 15 سالن تائين افغانستان ۾ پنهنجي ساٿين سان ملي جيڪو ڪم ڪيو هيءُ ان جو ئي نتيجو آهي. ان ڪري هي ايوارڊ رڳو منهنجو ناهي’’.

ون ينگ ورلڊ سمٽ سالانه تقريب آهي جنهن ۾ مختلف ملڪن ۽ شعبن ۾ سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن هزارن کان وڌيڪ نوجوان ڪٺا ٿيندا آهن. هر سال نامور عالمي شخصيتون ان اجلاس کي خطاب ڪنديون آهن.

چوٽيهه سالن جي افغان صحافي، لطف الله نجفي زاده مانچيسٽر ۾ منعقد ٿيڻ واري ان اجلاس ۾ شريڪ هو جنهن ۾ 190 ملڪن جا نمائنده موجود هيا.

لطف الله افغانستان ۾ ’طلوع نيوز ٽي وي چينل’ جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين خدمتون انجام ڏنيون. گزريل سال ڪابل تي طالبان جي قبضي جي وقت هڪ ڪم جي سلسلي ۾ لطف الله ازبڪستان ويل هو. هن چيو ته ’’مون محسوس ڪيو ته منهنجي لاءِ ملڪ واپس وڃڻ ڏکيو آهي. مان تاجڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ رهيس ۽ بعد ۾ آمريڪا هليو آيس. مان اڃان تائين واپس نه ويو آهيان. حالتون بدلجي چڪيون آهن’’.

لطف الله هاڻي ڪيناڊا ۾ رهندو آهي ۽ جلاوطنيءَ ۾ ٻين افغان صحافين سان ملي هن ’امو’ جي نالي سان هڪ ٽيلي ويزن چينل شروع ڪئي آهي. هن چيو ته اسان پري ويهي به افغان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون.

هن برطانيه جي اڳوڻي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون، سابق افغان صدر اشرف غني، اڳوڻي افغان چيف اگزيڪٽو، عبدالله عبدالله ۽ ايران جي پرڏيهي تعلقات جي وزير، جواد ظريف سميت ڪيترن ئي اعلي عهديدارن جا انٽرويو ڪيا آهن.

لطف الله نجفي زاده هن وقت شڪاگو يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف پوليٽڪس ۾ ’پرٽزڪر فيلو’ آهي، جيڪو وزٽنگ اسڪالر جي طور تي افغانستان جي سياست ۽ ثقافت تي سيمينار پيش ڪندو آهي. هو رمزفيلڊ فائينڊيشن، ايٽلانٽڪ ڪائونسل ۽ ورلڊ پريس انسٽيٽيوٽ جو سابق ساٿي آهي.

جرنلسٽ آف دي يئر ايوارڊ کٽڻ وارا ٻيا صحافي گوئٽي مالا سان تعلق رکڻ وارو ڊينئيل ولاٽورو، برطانيه مان منشا گنگولي، ڪولمبيا جي صحافي ماريا پولينا ۽ جاپان جي شيوري ابيتو شامل آهن.

XS
SM
MD
LG